سکر (رپورٽ:آزاد مهر) ملڪ ۾ برساتن سبب دريائن ۾ چاڙهه واري صورتحال آهي. سنڌو درياءَ ۾ گڊو بئراج وٽ وچولي،سکر بئراج، چشما، ڪالاباغ بئراج ۽ تربيلا ڊيم وٽ ھيٺاھين درجي وارو چاڙهه آهي. سنڌو درياءَ ۾ ۾ تونسا بئراج کان گڊو بئراج وٽ وچولي درجي وارو چاڙهه، سکر بئراج ،تربيلا ڊيم ،چشما بئراج ، ڪالاباغ بئراج وٽ ھيٺاھين درجي وارو چاڙهه قرار ڏنو ويو آهي. ايندڙ چوويهه ڪلاڪن دوران جهلم درياءَ ۾ نيو رسول جي مقام وٽ وڏو چاڙهه، منگلا ڊيم وٽ ھيٺاھين کان وچولي درجي واري چاڙهه جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي. ھن وقت گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3لک 92ھزار 84ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 3 لک 53 ھزار 42 ڪيوسڪ سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 10ھزار 360 ڪيوسڪ ھيٺاهون وھڪرو 2 لک 56ھزار830 ڪيوسڪ، تونسا بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وھڪرو 2 لک 10ھزار 670 ڪيوسڪ ھيٺاهون وھڪرو 2 لک 1ھزار 670 ڪيوسڪ چشما بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک85 ھزار138 ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 2 لک 14ھزار833 ڪيوسڪ ڪالاباغ بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک4 ھزار 937 ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 1لک 97ھزار 99 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 23 ھزار 900ڪيوسڪ ڊيم مان پاڻي ڪڍيو هڪ لک 97ھزار 600 ڪيوسڪ ٻڌايو پيو وڃي ھن وقت ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1530فوٽن تي پھچي وئي آهي. ٻئي طرف گڊو سکر خيرپور گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي ڪچي ۾ دريائي پاڻي تيزيءَ سان داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي گھر ڀاتين مال سان گڏ پڪي طرف لڏپلاڻ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ان سان گڏ ڪچي ۾ پوکيل فصل پڻ ٻڏي ويا آهن.