ميرپورخاص(بيورورپورٽ) جئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته سنڌ جي اجرڪ سنڌ جي تاريخي ۽ قديمي تحريڪ جي نشاني آهي، اجرڪ جون نمبر پليٽون عوام جي خدمت ناهي پر ان تي ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ مهاجر قومي مومنٽ کي اجرڪ ۽ اجرڪ جي نمبر پليٽ تي سنڌ دشمني ۾ اعتراض وارڻ جي بدران کين سنڌ جي حقن جي لاءِ ميدان ۾ نڪرڻ گھرجي، اردو ڳالهائيندڙ به سنڌ ڌرتي جا پٽ آهن اسان جا ڀائر آهن سنڌ جي حقن لاءِ اڳتي اچن، آفاق احمد، حافظ نعيم الرحمٰن ۽ خالد مقبول صديقي کي اسين دعوت ڏيون ٿا ته جئي سنڌ پاران 19 جولائي کان اعلانيل اسان جا وسيلا اسان جي حوالي ڪيو تحريڪ ۾ شريڪ ٿي سنڌ لاءِ جدوجھد ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو هن چيو ته اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته ڪراچي ۽ سنڌ ڪراچي کي انڊيا مان کڻي ڪو نه آيو هو هي سنڌ جو شهر ۽ سنڌ جي گادي وارو هنڌ آهي. هن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ هڪ سازش تحت سنڌ جي نوجوان نسل ۾ منشيات جو زهر ڦهلايو پيو وڃي، هن چيو ته حڪمرانن جي نااهلي سبب پورو ملڪ بدامني، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ور چڙهيل آهي ّ هن چيو ته سنڌ ۾ بدامني جي باھ ٻريل آهي سنڌ جا نوجوان روزگار لاءِ پريشان آهن، عوام لاءِ بجلي پاڻي ميسر نه آهي سنڌ ۾ هڪ سازش تحت ڌاڙيل ڪلچر جي پٺڀرائي ڪئي پئي وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون صاحب بهادرن جي حوالي ڪيون ويون آهن .