نوابشاهه/ گپچاڻي(رپورٽ: غلام نبي ڀنڀرو/ممتاز خاصخيلي/ عنايت بروهي) نوابشاهه ويجهو پراڻي تڪرار تان عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ ٽن ڀائرن سميت 6 ڳڀرو نوجوان بيدردي سان قتل ٿي ويا. نوابشاهه بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪيريا موري وٽ صبح سوير هڪ ڏکوئيندڙ ۽ دهشتناڪ خوني واقعو پيش آيو، جتي هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ئي ڳوٺ جي 6 ڄڻن کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. اطلاعن موجب قتل ٿي ويلن جو تعلق ڳوٺ اسحاق ڀنگوار سان هو، جن ۾ شهباز علي، تاج محمد، رجب علي، قربان علي، فرمان علي ۽ يار محمد شامل آهن. قتل ٿيلن مان ٽي ڄڻا سڳا ڀائر آهن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هي خوني واقعو پراڻي تڪرار جو نتيجو آهي، جيڪو مبينا طور ووٽن جي اختلاف تان شروع ٿيو هو. تڪرار دوران اڳ به 3 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن ۽ هي واقعو پلاند طور پيش آهيو آهي. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيا، جتان قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس مطابق فائرنگ ڪندڙ هٿياربند واردات بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڪيريا موري وٽ پيش آيل خوني واقعي بعد ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد شبير احمد سيٺار ٻڌايو ته ڀنگوار برادري جو اهو تڪرار پراڻو آهي، جيڪو 2010ع کان هلندو پيو اچي. ايس ايس پي موجب 2010ع ۾ ٻن سئوٽن اسماعيل ڀنگوار ۽ سندس سئوٽن جي وچ ۾ تڪرار ٿيو، جنهن دوران اسماعيل ڀنگوار جي والد سميت ٽن رشتيدارن کي قتل ڪيو ويو. ان خوني تڪرار جو بدلو وٺندي اسماعيل ڀنگوار 6 ڄڻن کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيوهي واقعو نه رڳو ڀنگوار برادري لاءِ، پر سڄي نوابشاهه ضلعي لاءِ هڪ وڏو الميو ۽ سماجي ڏڦيڙ جي خطرناڪ صورت آهي، جنهن جي حل لاءِ پرامن سياسي، سماجي ۽ قانوني قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. ويا .لاش ڳوٺ محمد موسیٰ ڀنگوار ۾ پهچڻ تي سندن گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو جنازي نماز ۾ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو پ پ ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمن عبدالرسول بروھي ضلعي شھيد بينظيرآباد جي صدر سالم زرداري ضلعي ڪائونسل جي چيئرمن علي اڪبر جمالي ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد غلام شبير سيٺار سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آلين اکين سان سندن لاش مٽي ماء حوالي ڪيا ويا .
-
سوٽن ۾ ٺاهه جون ڪوششون ڪامياب نه ٿيون
نوابشاهه: مليل ڄاڻ موجب ڀنگوار برادري وچ ۾ ٻن ڄڻن جي قتل بعد تڪرار ھلندڙ هو. ھن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا 9 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن. 2010 ۾ اسماعيل ڀنگوار جي والد سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو هو. ڌرين وچ ۾ ٺاھ لاءِ برادري جي چڱن مڙسن ڪوششون ورتيون. نياڻيون ۽ قران پاڪ ميڙ کڻي ويا ھئا. پر جوابدار ڌر فيصلي لاءِ راضي نٿي ۽ 6 ڄڻا موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي نوابشاھ عدالت ۾ شنوائي تي وڃي رهيا هئا ته مخالف ھٿياربند فائرنگ ڪري ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 ڳڀرو نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.
-
بلاول ۽ وڏي وزير نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب
نوابشاهه/گپچاڻي: پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري واقعي جي مذمت ڪندي حڪومت سنڌ کي جوبدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جوچيو آھي جڏھن تہ وزيراعلی سنڌ سيد مراد علي شاه پڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي آء جي سنڌ کان جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.
-
15 سال اڳ اسحاق، آدم ڀنگوار ۽ آتم اوڏ قتل ٿيا
گپچاڻي: گپچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ 15 سال اڳ اسحاق ڀنگوار، آدم خان ڀنگوار ۽ سندس ھاري آتم اوڏ کي قتل ڪيو ويو ھو. جنھن جو ڪيس گپچاڻي ٿاڻي تي الھڏنو ڀنگوار راڻو ڀنگوار سلطان ڀنگوار لائق ڀنگوار ۽ عیسیٰ ڀنگوار خلاف داخل ڪيو ويو ھو پوليس کين گرفتار ڪري جيل اماڻيو ھو جڏھن تہ معلوم ٿيو آھي ڃاڻايل ماڻھن کي عدالت 25 سال سزا ٻڌائي جيڪي جيل ۾ سزا ڀوڳي رھيا آھن جنھن مان ھڪ ماڻھو عیسیٰ ڀنگوار جيل ۾ فوت ٿي ويو ھو.
-
جهيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ سوٽ، حڪ ٻئي جي گهرن ۾ نياڻيون ڏنل
نوابشاهه: حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ سئوٽ آهن ۽ ٻنهي ڌرين جي گهرن ۾ هڪٻئي جون نياڻيون ڏنل ورتل آهن، ويجها مائٽ هجڻ باوجود دشمنيون ختم ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ ڳريون ٿي ويون.
-
پوليس مک جوابدار جو گهر ڊاهي ڇڏيو، ٽي ڄڻا گرفتار
نوابشاهه: حد جي پوليس جوابدارن جي گهرن تي ڇاپا هڻي بلڊوزر ذريعي مک جوابدار جي رهائشگاهه ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي ۽ ڪيترن ئي گهرن کي ناهيون ڏنيون ويون. جڏهن ته واقعي سان لاڳاپيل ٽن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.