اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت کنڊ جو ايڪس مل اگهه ايندڙ ٽن مهينن تائين هر مهيني 2 رپيا في ڪلو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. معاهدي موجب، 15 جولاءِ 2025 کان کنڊ جو ايڪس مل اگهه 165 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو، جيڪو 15 آگسٽ تي 167 رپيا، 15 سيپٽمبر تي 169 رپيا، ۽ 15 آڪٽوبر تي وڌي 171 رپيا في ڪلو ٿي ويندو. معاهدي تي حڪومت پاران ناڻي واري وزارت سان لاڳاپيل خوراڪ واري وزير رانا تنوير حسين ۽ شوگر ملز ايسوسيئيشن جي طرفان سيڪريٽري جنرل عمران احمد صحيحون ڪيون. ماهرن موجب هن واڌ سان ريٽيل اگهن ۾ به واڌ جو امڪان آهي، جيڪي اڳ ئي مهانگا آهن.
-
ايڇ آر سي پي پاران قلات ۾ قوالن تي حملي جي مذمت
اسلام آباد/قلات (بيورو/م ڊ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) قلات ويجهو قوالن تي ٿيل هٿياربند حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ايڇ آر سي پي پنهنجي بيان ۾ چيو ته قوالن تي بزدلاڻا حملا ڪنهن به جائز مقصد جي نمائندگي نٿا ڪن. ڪميشن شهيد ٿيلن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت قاتلن کي فوري طور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. ياد رهي ته قلات ڀرسان مسافر ڪوچ تي فائرنگ ۽ دستي بم حملي ۾ قوال احمد صابري ۽ سندس ڀائٽي رضا صابري سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 13 زخمي ٿيا.