ڪراچي/لاهور (عوامي آواز نيوز) حافظ آباد ۾ ڊي پي او جي آفيس جي وائرل ٿيل وڊيو تي سوشل ميڊيا تي ردعمل سامهون آيو آهي، جتي ماڻهن ۽ صحافين آفيس جي شاهاڻي اڏاوت تي ڪروڙين رپين جي خرچ تي سخت تنقيد ڪئي آهي. صحافي امداد سومري ايڪس تي پوسٽ ڪندي لکيو ته هي آفيس صدر ۽ وزيراعظم جي آفيس کان به وڌيڪ شاهاڻي نظر اچي ٿي، ڇا وزيراعليٰ مريم نواز ان جو نوٽيس وٺندي؟ صحر انورد، سعديه مظهر، سبي ڪاظمي ۽ عرفان خان سميت ڪيترن ئي واهپيدارن حڪومت کان سوال ڪيو آهي ته جڏهن ملڪ تي هر شهري تي لکين رپيا قرض آهي، تڏهن هڪ معمولي آفيس تي عوامي ٽيڪس جو پئسو اهڙيءَ ريت ڇو خرچ ڪيو ويو؟ عرفان خان چيو ته ملڪ 70 هزار ارب رپين جو قرضي آهي، پر آفيسرن لاءِ عاليشان آفيسون ٺهرايون پيون وڃن. واهپيدارن لکيو ته هي انصاف ڏين يا نه ڏين پر عوام جي ٽيڪس جو پيسو مطمئن ٿي خرچ ڪن ٿا، اها آفيس ڪنهن ٺهرائي آهي؟ مطالبو ڪيو ويو ته آفيس جي اڏاوت تي خرچ ٿيل رقم جو حساب ورتو وڃي، ۽ شفاف جاچ بعد ذميوارن کي وائکو ڪيو وڃي.