ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان ۾ دماغي بيمارين جا ماهر انتهائي گهٽ آهن، جڏهن ته ملڪ جي نوجوان آباديءَ جو 15 سيڪڙو دماغي بيمارين جو شڪار آهي، ۽ 24 ڪروڙ جي مجموعي آبادي مان لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ ماڻهو دماغي بيمارين ۾ مبتلا آهن.اها ڳالهه نيورولوجي اويئرنس اينڊ ريسرچ فائونڊيشن جي صدر پروفيسر محمد واسع ۽ جنرل سيڪريٽري پروفيسر عبد المالڪ عالمي دماغي ڏينهن جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي.ماهرن ٻڌايو ته هن وقت پوري ملڪ ۾ صرف 400 نيورولوجسٽ موجود آهن، جڏهن ته صحت جي ٻين شعبن ۾ به ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي.ماهرن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف سببن جي ڪري دماغي بيمارين ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. ڪنهن به ضلعي اسپتال يا بنيادي صحت مرڪز ۾ دماغي ۽ نفسياتي علاج جو ڍانچو (انفراسٽرڪچر) موجود ناهي، جيڪو هڪ وڏو لاپرواهيءَ وارو الميو آهي.هنن اهو به چيو ته صحت مند دماغ خوشحاليءَ جي علامت هوندو آهي، پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ ذهني صحت جي واڌاري لاءِ سرڪاري سطح تي ڪو خاص قدم نه کنيو ويو آهي. عورتون ۽ ٻار به ذهن جي بيمارين جي خطري هيٺ آهن، خاص طور تي حمل دوران غذائي کوٽ، غربت، سماجي ۽ گهريلو دٻاءُ سبب ٻارن جي دماغي واڌ ويجهه متاثر ٿي رهي آهي.ڊائو يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڊاڪٽر واجد جاويد چيو ته ٻارن جي دماغي صحت تي ڪمپيوٽر ۽ موبائل جي استعمال جو به خراب اثر پئجي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان سميت دنيا جي 43 سيڪڙو آبادي ڪنهن نه ڪنهن نيورولوجيڪل بيماري جو شڪار آهي. هن چيو ته جنهن به گهر ۾ دماغي بيمار جو هڪ فرد به هجي، اهو پورو خاندان ذهني ۽ سماجي بحران جو شڪار ٿي پوي ٿو. سنڌ ۾ هر ٽيون فرد ڪنهن نه ڪنهن دماغي بيماري ۾ مبتلا آهي، جنهن ۾ ڊپريشن (اداسي) به شامل آهي.