اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برساتن سبب اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي فضائي آپريشن سخت متاثر ٿيو، 30 کان وڌيڪ ملڪي ۽ بين الاقوامي اڏامون دير جو شڪار ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ مسافرن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي ويو، ايئرپورٽ ذريعن مطابق برطانيا ويندڙ برٽش ايئرويز جي اڏام بي ڪي 2160 ٽي ڪلاڪ دير سان رواني ٿي، جڏهن ته پي آءِ اي جي دبئي ويندڙ اڏام پي ڪي 233 هڪ ڪلاڪ دير سان رواني ٿي، نجي ايئرلائن جي ڪراچي ويندڙ اڏام به مقرر وقت کان 2 ڪلاڪ دير سان اڏامي ۽ جدي ويندڙ سعودي ايئرلائن جي پرواز به دير جو شڪار رهي.