لاهور (بيورو) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان مهانگي بجلي،پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ واڌ ۽ شگر مافيا خلاف جمعو 18 جولاءِ تي ملڪ گير ۽ 20 جولاءِ تي ڊويزنلهيڊڪوارٽرن جي سطح تي احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو،هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ هاڻي حڪومت جي وس کان ٻاهر ٿي چڪي آهي، شهباز شريف جي حڪومت ۾ 60 رپين واري کنڊ هاڻي 200 رپين في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي،ائين لڳي ٿو ته شينهن به کنڊ کائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي،.پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته ملڪ جون سڀ آءِ پي پيز ۽ شگر مافيا گڏيل طور تي ڪم ڪري رهيون آهن. شگر ملز جا مالڪ نه رڳو آبادگارن جا پيسا ادا نٿا ڪن، پر بينڪن جا قرض به واپس نه پيا ڪن،ن ليگ ۽ پ پ جو اتحاد ۽ انهن پاران شگر مافيا جي مڪمل سرپرستي ملڪ ۽ قوم لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي رهي آهي،
حيدرآباد (پريس ريليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته حڪمرانن ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي باهه ٻاري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. تازو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان نه رڳو عام ماڻهوءَ جو معاشي بوجھ وڌي ويو آهي، پر ان سان گڏ روز مره جي شين جون قيمتون به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون آهن. غريب ۽ مسڪين ماڻهو هاڻي هڪ ويلو ماني کائڻ لاءِ به پريشان ۽ بيحال آهي.ڊاڪٽر مگسي چيو ته ملڪ جي حڪمران اشرافيه کي عوام جي ڏکن، مسئلن ۽ اهنجن سان ڪابه دلچسپي ناهي. سندن پاليسين جو مقصد صرف آءِ ايم ايف جا حڪم مڃڻ، پنهنجا خزانا ڀرڻ ۽ اقتدار جي ڪرسي بچائڻ آهي، جڏهن ته عام ماڻهوءَ لاءِ زندگي هر گذرندڙ ڏينهن سان تڪليف ڏيندڙ بڻجي رهي آهي.اُنهن وڌيڪ چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو بي حس، ظالماڻو ۽ عوام دشمن آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هن مطالبي ڪيو ته حڪومت في الفور اهو عوام دشمن فيصلو واپس وٺي، ٻي صورت ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي عوام سان گڏجي روڊن تي نڪرندي ۽ حڪمرانن کي سندن بي حسي ۽ نااهليءَ جو حساب وٺڻ تي مجبور ڪندي.هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آھي تہ آئي ايم ايف جي چوڻ تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو بند ڪيو وڃي. ڪرپٽ حڪمرانن طرفان لٽيل دولت ٻاھرين ملڪن جي بئنڪن مان واپس آڻي آئي ايم ايف جو قرض واپس ڪيو وڃي. ملڪ جو غريب عوام ھاڻ مھانگائي جو بار نٿو کڻي سگھي. مشڪل حالتن ۾ رليف بدران عوام کي وڌيڪ مھانگائي جي دلدل ۾ اڇلائڻ بند ڪيو وڃي. غربت جا ماريل ماڻھو بک ۽ بدحالي کان تنگ اچي معصوم ٻارن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. الميو آھي جو بي حس حڪمرانن جي ڪن تي جونء بہ نٿي چري. حڪمران پنھنجا شاھي خرچ بند ڪرڻ بدران عوام کي بدترين مھانگائي جي چڪي ۾ پيسي رھيا آھن. ائين نہ ٿئي تہ غربت ۽ بيروزگاري جا ماريل ماڻھو سريلنڪا وانگر حڪمرانن کي اقتدار کان ٻاھر ڪڍي ڇڏين. اياز لطيف پليجو چيو تہ پيٽروليم مصنوعات جون واڌيل قيمتون فوري طور تي واپس ورتيون وڃن.
رڳو اگهه جي ڳڻتي ڇو؟ حڪومت کي کنڊ جو ڪاروبار نه ڪرڻ گهرجي: اسٽينڊنگ ڪميٽي
اسلام آباد(م ڊ) ناڻي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي چيو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جا وافر ذخيرا موجود آهن، حڪومت کي کنڊ جو ڪاروبار نه ڪرڻ گهرجي، ناڻي واري سيڪريٽري ٻڌايو آهي ته کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ جي معاملي تي آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اجلاس ۾ سيد نويد قمر سوال ڪيو ته حڪومت کنڊ جي درآمد جي معاملي تي ڇا ڪري رهي آهي؟ حڪومت کي کنڊ جي درآمد ۽ برآمد جي ڪاروبار مان ٻاهر نڪري وڃڻ گهرجي، ملڪ ۾ کنڊ جا وافر ذخيرا موجود آهن، حڪومت کي کنڊ جي قيمت مقرر نه ڪرڻ گهرجي، حڪومت کي رڳو کنڊ جي قيمت جي فڪر ڇو آهي؟ ايف بي آر چيئرمين ڪميٽي کي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا کنڊ جي درآمد جو فيصلو موڪليو آهي، ڪابينا جي فيصلي موجب کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ڪميٽي ميمبر جاويد حنيف سوال ڪيو ته کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ بابت آءِ ايم ايف جو موقف ڇا آهي؟ بجيٽ ۾ هر هڪ شيءِ تي ٽيڪس جي منظوري آءِ ايم ايف کان ورتي وئي، اسان کي ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف ٽيڪس ڇوٽ جي مخالفت ڪري ٿو، ناڻي واري سيڪريٽري جواب ڏنو ته کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ جي معاملي تي آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، نويد قمر چيو ته يقينن آءِ ايم ايف پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ جو چوندي، جنهن تي سيڪريٽري جواب ڏنو ته نه، آءِ ايم ايف پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ جو ناهي چيو.
کنڊ جي ريزڪي قيمت 175 رپيا ڪلو تائين مقرر ڪرڻ جو فيصلو
اسلام آباد(م ڊ) حڪومت ايڪس مل کان پوءِکنڊ جي ريٽيل قيمت مقرر ڪرڻ جو به فيصلو ڪري ورتو آهي، وفاقي وزير براءِ فوڊ سيڪيورٽي موجب، پرچون قيمت جي منظوري لاءِ نوٽيفڪيشن ڪابينا جي منظوري کان پوءِ جاري ڪيو ويندو، وڌيڪ چيو ويو ته وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ کنڊ جي قيمتن بابت واضح ۽ ٺوس فيصلو ڪيو ويو آهي، کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پرچون قيمت 173 کان 175 رپيا في ڪلوگرام کان وڌيڪ نه هوندي، سڀئي صوبا کنڊ جي مقرر ڪيل قيمت تي عملدرآمد يقيني بڻائيندا ۽ پرچون قيمت بابت باضابطه نوٽيفڪيشن تياري هيٺ آهي، پڌرائي موجب وزارت قومي خوراڪ تحفظ ميڊيا ۾ هلندڙ ڪجهه گمراهه ڪندڙ خبرن جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو آهي، حڪومت ۽ شوگر ملز ايسوسيئيشن جي اجلاس کي نتيجا خيز نه رهڻ واريون خبرون گمراهه ڪندڙ آهن.
حڪومت ۽ فوج به شگر مافيا آڏو نٿا بيهي سگهن:شبر زيدي
لاهور (م ڊ) حڪومت پاران نومبر ۾ کنڊ درآمد ڪرڻ جي پاليسي مقامي آبادگارن لاءِ وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. اڳوڻي وفاقي وزير فواد حسن فواد پنهنجيبيان ۾ خبردار ڪيو آهي ته کنڊ بحران ۾ هڪ ٻيو پهلو شامل ٿيو آهي، درآمدي کنڊ نومبر جي شروعات ۾ پاڪستان پهچندي، بلڪل ان وقت جڏهن نئين ڪمند جي فصل جي خريداري شروع ٿيندي، جنهن سبب آبادگارن کي گهٽ اگهه تي ڪمند وڪڻڻ تي مجبور ڪيو ويندو.فواد حسن فواد وڌيڪ چيو ته اهو نه پڇو ته ان جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو، اشارو واضح آهي، ان حوالي سان اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي پڻ انتهائي اهم انڪشاف ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت ڀلي ڪنهن به پارٽي جي هجي، پي ٽي آءِ، ن ليگ يا پيپلزپارٽي ڪابه حڪومت شگر مافيا جي آڏو بيهڻ جي سگهه نٿي رکي. مان گارنٽي سان چوان ٿو ته فوجي به شوگر مافيا جي آڏو بيهي نٿي سگهن. شبر زيدي 24 نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ کنڊ جي نالي تي هر دور حڪومت ۾ رانديون ٿينديون رهيون آهن. جڏهن عمران خان جي حڪومت وئي هئي، تڏهن کنڊ جي وڌ ۾ وڌ مارڪيٽ قيمت 85 رپيا في ڪلو هئي، ۽ اڄ اها قيمت 200 رپين تائين پهچي چڪي آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ گهڻن ماڻهن کي اصل حقيقتن جو علم ناهي ته ملڪ ۾ موجود 84 شوگر ملز مان 90 سيڪڙو سياستدانن جي ملڪيت آهن. رڳو ڪجهه کي ڇڏي باقي سڀ وڏا سياسي نالا شگر ملز جا مالڪ آهن.،هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ هڪ به کنڊ جو ڊيلر رجسٽرڊ ناهي،84 ملن مان 12 يا 15 ڊيلر آهن اهي کنڊ جا بادشاهه آهن،
کنڊ اگهه تي سالن کان عوام جي کيسن تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي:پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي
اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (PAC) حڪومت جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ چيني جي درآمد تي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ جي منظوري بابت ايف بي آر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي نوٽيس وٺندي، چيئرمين ايف بي آر کي ايندڙ اجلاس ۾ وضاحت لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.ڊان نيوز جي رپورٽ موجب، ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي ميمبرن چيني جي درآمد بابت مليل ٽيڪس ڇوٽ تي خدشا ظاهر ڪيا. ڪميٽي ميمبر معين عامر چيو ته ايڪسپورٽ تي به پئسا ورتا وڃن ٿا ۽ ساڳي وقت کنڊ مهانگي ٿي وڃي ٿي، اهو عمل اسان ڪيترن سالن کان ڏسي رهيا آهيون، ان تي ايڪشن وٺڻ ضروري آهي، ثناءُ الله مستي خيل چيو ته هي ته عوام جي کيسن تي سڌو سنئون ڌاڙو آهي. مافيا پلجي رهي آهي ۽ غريب ماڻهو رُلي ويا آهن،چيئرمين جنيد خان اعلان ڪيو ته ايندڙ اجلاس ۾ ايف بي آر چيئرمين کي طلب ڪيو ويندو ته جيئن هو SRO تي وضاحت ڏئي.
هي ته عوام جي کيسن تي وڏو ڌاڙو آهي: نواز شريف جي پراڻي وڊيو وائرل
اسلام آباد(م ڊ) پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته نواز شريف جي به هڪ پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته پيٽرول جون قيمتون رات جي اوندهه ۾ وڌايون ويون آهن، رات جي انڌاري ۾ ته ڌاڙا لڳندا آهن، هي عوام جي کيسن تي وڏو ڌاڙو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم حيدر پنجوٿا چيو آهي ته، توهان کي گهبرائڻو ناهي، ڪيڏانهن ويا اُهي ماڻهو جيڪي چوندا هئا ته پيٽرول مهانگو وزيراعظم چور؟، حليم عادل شيخ چيو ته رات جي اوندهه ۾ ٺهندڙ حڪومت، رات جي اوندهه ۾ عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو، مسرت چيما چيو ته هي اهي ئي حڪمران آهن، جيڪي ڪالهه تائين مهانگائي مارچ ڪري رستن تي عوام جي درد جو ڏيکاءُ ڪندا هئا، اقتدار ۾ اچي تيل مهانگو ڪري ڇڏيو آهي، سيف اعوان لکيو ته پيٽرول گهٽ ۾ گهٽ 1000 رپيا في لٽر هجڻ گهرجي ته جيئن صرف ارب پتي ماڻهو گاڏيون استعمال ڪري سگهن، باقي ماڻهو پنڌ سفر ڪندا رهن، دنيا کان 1000 سال پوئتي وڃڻ گهرجي.
مھانگائي غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: جتوئي ڀائر
نوشھرو فيروز)ڊر) جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي صوبائي وزيرغلام مرتضيٰ خان جتوئي ۽ سندس ڀاءُ اين پي پي جي صوبائي اڳواڻ مسرور خان جتوئي اي ٽي سي ڪورٽ نوشھرو فيروز ۾ 6 ڪيسن جي ٻڌڻي دوران پيش ٿيا، پر جج موڪل تي ھجڻ ڪري ٻڌڻي نه ٿي سگهي، 31 جولاءِ جي تاريخ ڏني وئي، ڪورٽ ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي هنن چيو ته سنڌ حڪومت سڀ حدون اورانگھي ڇڏيون آھن، ھر تاريخ تي 5 ضلعن جي پوليس گھرائي اسان کي هراسان ڪن ٿا، هنن چيو ته جيڪو خرچ اسان جي گرفتاري لاءِ پوليس تي ڪيو وڃي ٿو اھو خرچ وڌندڙ ڏوھن کي گھٽائڻ تي ڪيو وڃي ته بھتر ھوندو، ھن حڪومت کان ته مارشلا جو دور سئو ڀيرا بهتر هو، مھانگائي غريب مسڪين ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ھنن حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ اجاين خرچن سبب مهانگائي عوام جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آھن.