اداڪارا حميیرا اصغر جي موت حادثاتي يا فطري هئي:پوليس رپورٽ

ڪراچي(رپورٽر)ماڊل ۽ اداڪارا حمیرا اصغر بابت پوليس جي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت تائين ملندڙ شاهدين موجب، اداڪارا جي موت يا ته ڪنهنحادثي يا وري فطري سببن جي نتيجي ۾ ٿي آهي، ڊي آءِ جي ڏکڻ ضلعو سيد اسد رضا جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن وقت تائين ڪنهن سازش يا خودڪشي جو ڪو به ثبوت ناهي مليو، حالتن مان لڳي ٿو ته موت گهر جي ڪم ڪار دوران ڪنهن ممڪن حادثي يا قدرتي سبب سان ٿي، ياد رهي ته گذريل هفتي پوليس حمیرا اصغر جي موت جي جاچ لاءِ هڪ خاص جاچ ٽيم جوڙي هئي، جڏهن ته سندس لاش 8 جولاءِ تي ڪراچي جي هڪ اپارٽمينٽ مان هٿ آئي هئي، پوليس جي رپورٽ موجب حميرا جي ڀاءُ سان رابطو ڪيو ويو، هو ڪيس داخل ڪرائڻ نٿو چاهي، فوت ٿيڻ واري عورت جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آهي، فارنزڪ رپورٽ جو انتظار آهي، جنهن کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت حميرا اصغر جي پوسٽ مارٽم رپورٽ طلب ڪري ورتي.

  1. برطانيا پاڪستاني ايئر لائين تي لڳايل پابنديون ختم ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو+م ڊ)برطانيا پاڪستاني ايئر لائنز تي ڊگهي وقت کان لڳايل پابنديون ختم ڪري ڇڏيون آهن، برطانوي هاءِ ڪميشن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ايئر لائنز هاڻ برطانيا جي لاءِ اڏامن جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿيون، برطانوي هاءِ ڪميشن موجب ايئر لائين کي اڏامن جي لاءِ يو ڪي سي اي اي کان اجازت وٺڻي پوندي. برطانوي هاءِ ڪميشن ٻڌايو آهي ته سيفٽي لسٽ مان نڪرڻ آزاد ۽ ٽيڪنيڪي عمل جي تحت ٿيو، پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو آهي ته مان پاڪستاني ايئر لائن ۾ سفر جي اوسيئڙي ۾ آهيان، پاڪستان سان فضائي رابطن ۾ بهتري خاندانن جي ميلاپ ۾ مددد ڏيندي، ياد رهي ته مئي 2020 ۾ ڪراچي ۾ پي آءِ اي جي جهاز کي پيش ايندڙ حادثي کان پوءِ انهي وقت جي هوا بازي واري وزير پارليامينٽ کي ٻڌايو هو ته اسان جي ملڪ جي وڏي تعداد ۾ ڪمرشل پائلٽس وٽ جعلي ڊگريون آهن جنهن کان پوءِ جون 2020 ۾ برطانيه ۽ يورپ جي لاءِ پاڪستاني اڏامن تي پابنديون لڳايون ويون هيون، حڪومت جي لاڳيتو ڪوششن کان پوءِ گذريل سال نومبر ۾ يورپي يونين پاڪستاني ايئر لائين جي يورپ جي لاءِ اڏامن تي پابندي ختم ڪئي هئي پر هاڻ برطانيه به پاڪستاني ايئر لائنز تي لڳايل پابنديون هٽائي ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.