ڪراچي ۾ رڪشائن جي بندش خلاف عدالت پاران اڳڀرائي رپورٽ طلب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهر جي مک روڊن تي رڪشائن تي پابندي خلاف درخواست جي ٻڌڻي، سنڌ سرڪار جي وڪيل چيو ته اسان ان حوالي سان هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي، جيڪا اعتراضن جو جائزو وٺندي، انهن رڪشائن جي ڪري ٽريفڪ سسٽم کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ڪجهھ هنڌن تي پابندي لڳائي وئي هئي، هر هنڌ پابندي ناهي، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن پابندي لڳائڻي هئي، ته سڄي شهر ۾ لڳائي ڇڏيو ها، هتي ڪو به اهڙو نظام ناهي جنهن جي ڪري مشڪلاتون نه هجن، عدالت چيو ته جيڪڏهن اسان ان حوالي سان ڪو حڪم ڏيون ٿا ته توهان ماڻهن لاءِ ڏکيو ٿيندو،  بهتر آهي ته سڀني ماڻهن سان ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪيو وڃي، عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي واري رپورٽ ڏيو ته جيئن ڪارروائي کي اڳتي وڌايو وڃي، عدالت ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

  1. غزا ۾ امدادي مرڪز تي ڀاڄ،20 فلسطيني شهيد

غزا ( م ڊ)غزا ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا جي حمايت يافته امدادي مرڪز تي ڀاڄ، 20 فلسطيني شهيد ٿي ويا،فوتين جو انگ 875 تائين پهچي ويو،اسرائيل ۽ آمريڪا جي سهڪار سان هلندڙ غزا هيومينيٽيرين فائونڊيشن جي امدادي مرڪز هڪ ڀيرو ٻيهر فلسطيني مظلومن لاءِ مقتل بڻجي ويو، جتي خوراڪ لاءِ گڏ ٿيل ماڻهن ۾ شديد ڀاڄ پوڻ سبب 20 فلسطيني شهيد ٿي ويا، پرڏيهي ميڊيا موجب خان يونس ۾ واقعي جي ايڇ ايف جي مرڪز تي سينڪن فلسطيني خوراڪ جي اميد ۾ گڏ ٿيا هئا، جتي بدانتظامي ۽ لاپرواهي جي نتيجي ۾ ڀاڄي مچي وئي، سڪيورٽي فورسز موجب، 19 ماڻهو لتاڙجڻ سبب جڏهن ته هڪ شخص چاقو لڳڻ سبب فوت ٿيو، پر اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته چاقو ڪير هنيو، فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ به ظاهر ناهي ڪئي وئي.

  1. ڪراچي مان ”ايوراڊ يافتا ڪروڙ پتي عورت ملازمه“ گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس مان هڪ ٻي ڪروڙ پتي گھريلو ملازمياڻي (ماسي) گرفتار ڪئي وئي آهي، جيڪا مالڪن کي گرين ٽي ۾ نشي واريشيءِ ڏيئي بيهوش ڪري، گهر مان 65 لک رپين جا زيور، نقدي ۽ قيمتي شيون کڻي فرار ٿي وئي هئي، گرفتار ٿيل ماسي جو نالو مهرين آهي، جيڪا ايوراڊ يافته پڻ نڪتي. پوليس موجب مهرين ڪراچي، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ گھڻين چوريءَ جي وارداتن ۾ ملوث رهي آهي، صرف لاهور ۾ ئي سندس خلاف 25 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، پوليس مهرين کي فيروزآباد ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو، تحقيق دوران معلوم ٿيو ته هوءَ 2017ع کان وٺي مسلسل گھريلو چوريءَ جي وارداتن ۾ سرگرم رهي آهي. مهرين اڳ به ڪيترائي ڀيرا جيل وڃي چڪي آهي، ۽ اسلام آباد جي جيل ۾ قيد دوران سلائيءَ جي مهارت تي هڪ اڳوڻي وزيراعظم پاران کيس ايوراڊ پڻ ڏنو ويو هو،پوليس جو چوڻ آهي ته مهرين اصل ۾ فيصل آباد جي رهاڪو آهي ۽ هوءَ مختلف علائقن ۾ پنهنجو نالو مٽائي، مختلف گھرن ۾ نوڪري وٺندي رهي آهي. ڊفينس ۾ ٿيل واردات جو ڪيس گذريل سال ڊسمبر ۾ داخل ٿيو هو، جنهن جي بنياد تي پوليس ٽيڪنيڪل مدد سان کيس گرفتار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.