صدر مملڪت پاڪستان آصف علي زرداري آرڊينينس وسيلي فرنٽيئر ڪانسٽبلري جو نالو مٽائي تبديل ڪري فيڊرل ڪانسٽبلري ڪري رکيو آهي. جنهن کي مُلڪي سطح تي وسيع ڪري نوان اختيار ڏئي نئين سر نيون ڀرتيون ڪري چئني صوبن ،ڪشمير،گلگت بلدتستان GB ۾ طعينات ڪيو ويندو.
سنڌ واحد صوبو آهي جتي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ فرنٽيئر ڪانسٽبلري بلوچستان، ڪي پي کانپوءِ وفاقي فورس طور تسليم ڪيل آهي.سنڌ حڪومت هر سال بجيٽ جي سيڪيورٽي الائونس نالي ۾ فرنٽيئر ڪانسٽبلري کي هڪ ارب ڏهه ڪروڙ روپيا رينجرس کي ڇهه ارب هڪ ڪروڙ هر سال ڏنا ويندا آهن سنڌ ۾ سال 26ع 2025ع جي سالياني بجيٽ ۾ گهرو کاتي جي بجيٽ 179.9ارب روپيا رکيل آهن. فرنٽيئر ڪانسٽبلري ڪراچي، حيدرآباد، سکر جي مکيه جيلن ۽ تي طعينات آهي رينجرس سنڌ ۾ پوليس جي مدد لاءِ وفاق پاران سال 1992ع کان موجود آهي.
فرنٽيئر ڪانسٽبلري جي فيڊرل ڪانسٽبلري نالي مٽ تي فرنٽيئر جي قوم پرستن، صحافين، ليکين تنقيد ڪئي آهي ته فرنٽيئرڪانسٽبلري نج خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي پشتونن جي فورس هئي تازي نالي مٽ ٿيڻ سان هن فورس ۾ ٻين صوبن جا نوجوان به ڀرتي ٿيندا ڪي پي جي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته امن امان نج صوبائي معامرو آهي ته پوءِ فرنٽيئر ڪانسٽبلري کي ڇو پوليس جهڙا اختيار ڏئي صوبن ۾ ڪم جي اجازت ڏني پئي وڃي ۽ فرنٽيئر ڪانسبلري جيڪا انگريز جي زماني سال 1915ع ۾ ٺهي هئي ان جي تاريخي شڪل کي ختم ڪرڻ مناسب نه هو.فيڊريل ڪانسٽبلري فرنٽيئر ڪانسٽبلري هڪ زميني فورس آهي جنهن جي مليشيا شلوار قميض ڊريس ڪوڊ آهي. فرنٽيئر ڪانسٽبلري (Frontier Constabulary) وفاقي پاران ملٽري فورس آهي، جيڪا پاڪستان جي گهرو وزارت جي ماتحت خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ قانون ۽ امن امان قائم رکڻ لاءِ ڪم ڪري ٿي. فرنٽيئر ڪانسٽبلري جو قيام 1915ع ۾ برطانوي راڄ دوران ٿيو هو، جڏهن بارڊر ملٽري پوليس ۽ سمنا رائفلز کي ملايو ويو. هي فورس خاص طور تي قبائلي علائقن ۽ سرحدي پٽي ۾ سمگلنگ، دهشتگردي، ۽ جرائم کي روڪڻ لاءِ ذميوار آهي..
تازو ئي وفاقي حڪومت ان کي فرنٽيئر ڪانسٽبلري کي وفاقي فورس (Federal Constabulary) ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جنهن سان ان جو دائرو سڄي پاڪستان تائين وڌايو ويندو، جنهن ۾ چارئي صوبا، گلگت بلتستان، ۽ آزاد ڪشمير شامل هوندا. هن تبديليءَ سان فورس جو نالو "فيڊرل ڪانسٽبلري” رکيو ويندو ۽ ان کي فسادات تي ضابطو آڻڻ، اندروني سيڪيورٽي، دهشتگردي جي روڪٿام، ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جا اختيار ملندا. هن لاءِ صدر مملڪت فرنٽيئر ڪانسٽبلري ري-آرگنائيزيشن آرڊيننس 2025 جاري ڪيو آهي. فرنٽيئر ڪانسٽبلري جو اڳتي اهو ڪم ته هو سرحدي علائقن ۾ امن ۽ قانون جي بحالي. سمگلنگ ۽ غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام. قبائلي علائقن ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ.خيبرپختونخواهه کانسواءِ به ٻين صوبن پوليس جي مدد ۽ ضرورت پوڻ تي اضافي فورس طور ڪم ڪندي. نئين آرڊيننس کان پوءِ، سڄي ملڪ ۾ اندروني سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي روڪٿام ۾ ڪردار هوندو فرنٽيئر ڪانسٽبلري مُلڪي سطح تي سربراهي انسپيڪٽر جنرل ڪندو، ۽ اها ريزرو فورس جي طور تي استعمال ٿيندي. وفاقي وزير داخلي طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته ايف سي ۾ سڄي ملڪ مان ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا ۽ جديد تقاضن مطابق نوان ونگ قائم ڪيا ويندا.
امن جي قيام لاءِ ايف سي جو خاص ڪردار هوندو. صدر مملڪت آصف علي زرداري جي دستخطن سان جاري ڪيل آرڊيننس جي کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت هڪ باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. آرڊيننس موجب، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو بنيادي مقصد سرحدي علائقن ۾ امن امان قائم رکڻ، علائقن جي سلامتي يقيني بڻائڻ، ۽ عوامي امن کي برقرار رکڻ هو. پر قومي سلامتي جي بدلجندڙ حالتن،
هنگامي صورتحال، قدرتي آفتن، سماجي بيچيني، ۽ نون خطرات کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ لچڪدار ۽ جامع فورس جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. فرنٽيئر ڪانسٽبلري جي آرڊينينس وسيلي نالي مٽ جو ڪارڻ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس نه هلڻ ٻڌايو ٿو وڃي ان لاءِ صدر مملڪت کان آرڊينس ڪڍرايو ويو تنهنڪري هي آرڊيننس جاري ڪيو ويو، جيڪو فوري طور لاڳو ٿي ويو آرڊيننس مطابق، فورس جي سربراهي انسپيڪٽر جنرل ڪندو، جنهن جو تقرر وفاقي حڪومت ڪندي. ايف سي کي ريزرو فورس طور استعمال ڪيو ويندو، جيڪا اسلام آباد پوليس، صوبائي پوليس، ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد ۾ خاص فرض سرانجام ڏيندي. فورس جي ڪمان انسپيڪٽر جنرل وٽ هوندي، جنهن جي مدد ايڊيشنل انسپيڪٽرز جنرل، ڊپٽي انسپيڪٽرز جنرل، اسسٽنٽ انسپيڪٽرز جنرل، ۽ پوليس سروس آف پاڪستان (پي ايس پي) جا ٻيا آفيسر ڪندا. فورس ۾ ٻه ڊويزن هوندا: سيڪيورٽي ۽ فيڊرل ريزرو ڊويزن.وفاقي ڪانسٽيبلري جو ڍانچو ونگز، ڪمپنين، ۽ پلاٽونز تي ٻڌل هوندو، جن جي قيادت سپرنٽينڊنٽ آف پوليس، اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس، يا ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس، انسپيڪٽر، سب انسپيڪٽر، ۽ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر ڪندا. سيڪيورٽي ڊويزن ۾ موجوده ايف سي جي نفري شامل هوندي، ۽ ڀرتي روايتي طريقي سان ٿيندي. فيڊرل ريزرو ڊويزن هنگامي حالتن جي روڪٿام ۽ خاص تحفظ لاءِ وقف هوندو.
فورس کي فوجداري ضابطو اخلاق 1898، انسداد دهشتگردي ايڪٽ 1997، پوليس آرڊر 2002، ۽ ٻين قانونن تحت اختيار هوندا. وفاقي حڪومت فورس جي ڪنهن به ميمبر کي اضافي اختيار يا فرض ڏئي سگهي ٿي.فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا سمورا اختيار ۽ اثاثا وفاقي ڪانسٽيبلري کي منتقل ٿي ويندا.
اڳوڻي فورس جا سمورا ميمبر ۽ ملازم ساڳين شرطن تي وفاقي ڪانسٽيبلري ۾ منتقل سمجھيا ويندا. فورس جا سمورا اثاثا ۽ واجبات به وفاقي ڪانسٽيبلري کي منتقل ٿي ويندا. فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ايڪٽ 1915 تحت جاري قاعدا، نوٽيفڪيشن، ۽ حڪم، جيستائين وفاقي ڪانسٽيبلري آرڊيننس سان متضاد نه هجن، انهن کي وفاقي ڪانسٽيبلري جي قانونن تحت تصور ڪيو ويندو.اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري داخلي جو چوڻ آهي ته هن آرڊيننس سان وفاقي حڪومت کي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي نالي تي ايف سي کي ڪنهن به مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جو مڪمل قانوني اختيار ملي ويو آهي. اڳ ۾ وي آءِ پي سيڪيورٽي لاءِ فورس جي استعمال تي تنقيد ٿيندي هئي، پر هاڻي "ايسڪارٽ جي حفاظت” جي نالي تي اها اشرافيه جي ذاتي سيڪيورٽي لاءِ به کليل طور استعمال ٿي سگهندي.
وفاقي حڪومت موجب ايف سي ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وانگر ڪم ڪندي حڪومت موجب ماضي ۾ ايف سي سيڪيورٽي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ قربانيون ڏنيون آهن. حڪومت پاڪستان ايف سي جي تشڪيل نو جو فيصلو ڪيو آهي.ايف سي وفاقي حڪومت جي ماتحت ڪم ڪندي رهي آهي، ۽ هاڻي اها وفاقي ڪانسٽيبلري هوندي. تربيت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
ايف سي انسداد دهشتگردي، منشيات جي روڪٿام، ۽ جرمن جي خاتمي ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. فورس جو سمورو بجيٽ وفاقي حڪومت فراهم ڪندي.آرڊيننس پارليامينٽ ۾ پيش ٿيندو ۽ ان تي بحث ٿيندو. صوبو جيڪو فورس جون خدمتون وٺندو، اهو ان جا اختيار طئي ڪندو.منشيات ۽ سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ايف سي استعمال ٿيندي. سرحد هجي يا ٻيو ڪو هنڌ، امن امان جي صورتحال ۾ ايف سي خدمتون سرانجام ڏيندي. وزيراعظم سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪري ايف سي جي نئين جوڙجڪ جو فيصلو ڪيو آهي.