طالبان جي ڪري خطو خطري ۾ آهي!

تحرير: رياض ابڙو 

هڪ اندازي موجب 2007 کان 2013 تائين ڌماڪن جو تعداد ٻيڻو هيو، جيڪو 2001 کان 2005 تائين ايتري شدت ۽ گهڻائي وارو نه هيو، ڇو ته لال مسجد واري آپريشن کانپوءِ ڪجهه مذهبي ڌريون اهي سڀ  دهشت وارا ڪم ڪرڻ ۽ مڃڻ ۾ وڏيون اڳڀريون هيون. پر ان دوران هڪ اندازي موجب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون هيون، ڇو ته لال مسجد جي آپريشن کانپوءِ مذهبي گروھ افغانستان ۽ پاڪستان ۾ سي آءِ اي جي هجڻ تي جنرل مشرف ۽ افغان سرڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا هيا، ان ڪري جو اهي ٻئي ڌريون انهن گروهن جي پشت پناهي ڪنديون رهنديون هيون. توڻي جو سي آءِ اي جو وڏو ارادو ۽ حدف رڳو پاڪستان کي خوار خراب ڪرڻ ۽ ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ هيو. حيرت اها به هئي ته فوجي حڪومت هوندي پاڪستان سرڪار کي آمريڪي امداد ملندي رهي هئي. ان ڳالهه کان به انڪار ناهي ته سي آءِ اي جو نوازشريف جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ مشرف کي آڻڻ ۾ وڏو هٿ هيو. وري ٻئي پاسي يو ايس جي امداد ۾ اسپتالون، قدرتي آفتن جي زمري ۾ مددون، غريبن جي لاءِ امدادي پيڪيج وغيره ڏيڻ به هيو. پر اتي ڊرون حملن ماڻهن جي مت کسي ورتي هئي، ان جي موٽ ۾ آمريڪا وارن جي اها ڳالهه هوندي هئي ته اهي پاڪستاني عوام جي گهڻي عزت ڪندا آهن، پر خطي ۾ ڪجهه اهڙا عناصر (طالبان) به آهن جيڪي پاڪستاني عوام سان گڏوگڏ عالم انسانيت جي لاءِ خطري جو باعث آهن، ان ڪري يو ايس جا اهي ڊرون حملا جائز هيا، ۽ ان ڪري اهي جاري رهندا آيا، ۽ سي آءِ اي پنهنجو ڪم ڪندي رهي. سي آءِ اي جو اهو به چوڻ هيو ته ڊرون حملا ڪنهن به طرح پاڪستاني عوام تي ناهن پر طالبان جي ٺڪاڻن تي آهن، جيڪي پاڻ پاڪستاني عوام تي حملن جون تياريون ڪندا ٿا وتن، پر اهڙن حملن ته پاڪستان عوام ۾ خوف وارو ماحول پيدا ڪري ڏنو هو، جنهن ۾ عام ماڻهن جون انهن حملن جي ڪري ننڊون حرام هيون. ان جي ابتڙ سي آءِ اي ته 2005 واري ڪشمير جي زلزلي ۽ 2010 واري مها ٻوڏ ۾ ماڻهن جي لهي مدد ڪئي هئي ته جيڪو غلط تاثر هيو يا جنهن حملن جي ڪري عوام ۾ نفرت وارو جز هيو سو ختم ٿي وڃي، ۽ پاڪستاني عوام اهو سمجھڻ شروع ڪري ته آمريڪي عام ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ پورا آهن. پر اها ڳالهه ايتري به مبهم نه هئي ته سي آءِ اي ملڪي ايٽمي هٿيار سوگها ڪرڻ ٿي چاهيا، انهن جي چرپر تي پابندي هڻڻ پئي چاهي. انهن آمريڪي سختين ۾ اهو ضرور هيو ته اهي ملڪي ايٽمي هٿيارن جي چرپر گھٽ ۾ گھٽ سي آءِ اي جي ڏس پتي ۾ رکي هلن. ان ڳالهه تي کڻي پت به ڪيون ته سي آءِ اي جو ڪو تڪڙو پلان نه هيو پر اهو ضرور هيو (۽ آهي) ته ڪنهن به طرح ايٽمي پروگرام جهڪو ڪن. پر بينظير صاحبا جي شهادت کانپوءِ سي آءِ اي ان ڳالهه تي زور ضرور ڏنو هيو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام خطري ۾ آهي. آمريڪين سميت مغربي دنيا کي اها ڳڻتي هئي ته طالبان جي قبضي ۾ جيڪڏهن اهو پروگرام اچي ويو ته پوءِ دنيا جو خير ناهي. ”ايڊورڊ سنوورڊ“ جي رپورٽ مطابق ته پاڪستان تي واشنگٽن جي طرفان اها پابندي آهي ته اهي ”ڊبليو ايم ڊي“ جو هڪ سيل ٺاهين، جنهن سان اهي پاڪستاني ايٽمي اثاثن جي نگهباني ۽ نگراني ڪندا رهن. اهي پاڪستاني بجيٽ تي به اک رکندا هلن ۽ ڳجھا انگ اکر به جمع ڪندا رهن ته رياست ايٽمي هٿيارن جي حفاظت جي لاءِ ڪيتري بجيٽ مختص ٿا ڪن جن ۾ انهن جي ايٽمي اثاثا محفوظ رهن.

ا حقيقت اها به آهي ته يو ايس جي جنگ ڪيتري به سخت ڇو نه هجي، پر اساما بن لادن جهڙو ڊارمو، طالبان جي ڪريئيشن، افغانستان جي جنگ هڪ زبردست ڊرامو ضرور هيو، جنهن ۾ هنن جو حدف رڳو چائينا هيو (۽ آهي) جنهن ۾ خطي جي لتاڙجڻ جا انديشا واضع آهن، جنهن ۾ اهي وقت سر اهي (طالبان) خاص ۽ ڳجهي تربيت به ڏيندا رهن ٿا، جنهن ۾ اهي طالبان، مجاهد ۽ افغان ويڙهاڪ انهن آمريڪين جا زر خريد سپاهي ئي اٿابت ٿين ٿا. جارجيا جي هڪ پروفيسر ”جيفري سومرز“ جي مطابق ته طالبان وري هاڻي پنهنجي پراڻي نوڪرداري واري حيثيت ڏي واپس وريا آهن. ”ڊيوڊ گبس“ (جيڪو ايريزونا يونيورسٽي ۾ پولييٽڪل سائنس جو پروفيسر آهي) ان جو به اهو ئي چوڻ آهي. ”انڊپينڊنٽ“ اخبار جي عيوضي ”رابرٽ فرسڪ“ جي اها دعوي آهي ۽ مورينٽ روزنڊلم جو اهو چوڻ به بجا آهي (جيڪو مڊل ايسٽ ۾ اخبار جو نمائندو آهي) ته سي آءِ اي اسام بن لادن کي پنهنجي ڪيمپن ۾ برين واش ڪري پاليو هيو، ڇو ته اهي سڀ افغان ٽائيپ عرب آهن، پر انهن جو عرب ملڪن سان ڪو به واسطو ناهي، اهي ويڙها سوويت يونين سان نفرت ڪرڻ وارا جوان جوشيلا جن جي پيٽ ۾ سي آءِ اي ۽ لوڪل ايجنسين جا ٽُڪر پيل آهن، اهي آمريڪا سان وفادار آهن. ان ڪري اهي جوا جوان جيترا سلڇڻا سي آءِ اي جي لاءِ آهن، اوترا سوويت يونين جا يا چين جا نه ٿا ٿي سگهن. ملان عمر ۽ اساما بن لادن ۾ ڪو خاص فرق نه هيو، اهي ٻئي سي آءِ اي جا ڄڻيا هيا، جيڪي دنيا جي خطرناڪ ترين ايجنسين جي چئي آکيي ۾ هوندا هيا، اهي اهو ڪندا جيڪو انهن کي آمريڪا چوندو. اهو به واضع آهي ته هر دور ۾ انهن افغانين طالبان ٽائيپ مجاهدن پنهنجون وفادايون مٽايون آهن، پر گھڻي ڀاڱي پوءِ اهي سي آءِ اي جا رهندا آيا آهن. اوٽومن رياست جي ٽٽڻ کانپوءِ هن خطي ۾ برطانيا جو راڄ، سوويت يونين جو ٽٽڻ ۽ وري آمريڪا جي هڪ طرفي لڙائي ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون هيون، ڇو ته اسان ماڻهن جي لاءِ هڪ زبردست اٽڪل اها به هئي ته اسان ڪيترن ئي ٻولين، ڪيترين ئي مذهبي فرقن، ٽولن، گروهن ۽ جٿن ۾ ورهايل آهيون ۽ گهرو ويڙھ جا سامان پاڻ سان گڏ کڻي گهمندا ٿا وتون، ان ڪري سي آءِ اي کي سدائين وارو ملندو آيو آهي ته اهي جيئن وڻين تيئن ڪن، جيئن وڻين تيئن ويڙهائن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.