فيسبُڪ ” پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“ وارو قصو ئي ختم ڪري ڇڏيو

جيڪڏهن توهان به فيسبڪ تي ٻين جي پوسٽن کي ڪاپي پيسٽ ڪري شيئر ڪندا آهيو ته هوشيار ٿي وڃو، ڇو ته فيسبڪ جي مالڪ ڪمپني ميٽا اهڙن واهپيدارن خلاف سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اپريل 2025ع ۾ ميٽا فيسبڪ تي اسپام مواد جي واڌ جي روڪٿام لاءِ ڪجهه نون قدمن جو اعلان ڪيو هو، جن جو مقصد واهپيدارن جي تجربي کي بهتر بڻائڻ ۽ اصل مواد جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو، هاڻ اهي تبديليون عملي طور تي لاڳو ڪيون پيون وڃن.
اڪثر ماڻهو ٻين جي ٺاهيل مواد کي وڌيڪ ڏسڻ، فالورز وڌائڻ يا آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن، پر ميٽا موجب، اهڙي چوري سان فيسبڪ جي استعمال جو اصل مقصد متاثر ٿئي ٿو.
ڪمپني واضح ڪيو آهي ته جيڪي واهپيدار بار بار ٻين جو مواد پوسٽ ڪندا، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
ميٽا موجب، اهڙن اڪائونٽن جي پوسٽن تائين پهچ محدود ڪئي ويندي ۽ کين فيسبڪ جي آمدني (مونيٽائيزيشن)وارن پروگرامز مان به مخصوص مدي لاءِ خارج ڪيو ويندو.
ميٽا جو چوڻ آهي ته اسپام اڪائونٽس يا اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ کي اصل تخليقڪار ظاهر ڪري ٻين جو مواد شيئر ڪندا آهن، انهن لاءِ سخت قدم کنيا ويندا.
ڪمپني هڪ اهڙو سسٽم به آزمائي رهي آهي، جيڪو چوري ٿيل وڊيوز ۾ اصل تخليقڪار جي مواد جا لنڪس شامل ڪندو، جيئن ڏسندڙن کي اصليت جو پتو پئجي سگهي.
اهو اعلان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن يوٽيوب به اهڙي قسم جي چوري خلاف پاليسين ۾ تبديليون آڻي رهيو آهي ۽ جعلي يا غير تصديق ٿيل مواد شيئر ڪندڙن جي آمدني تي پابندي لڳائي رهيو آهي.
ميٽا تي اڳ به تنقيد ٿيندي رهي آهي ته اصل تخليقڪار جي مواد کي چوري ڪري ٻيا ماڻهو وڌيڪ پئسا ڪمائين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.