بئنڪاڪ (ويب ڊيڪس) پاڪستان انڊر 16 والي ٽيم تاريخ رقم ڪندي دفاعي چيمپيئن ايران کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ايشين انڊر 16 واليبال چيمپيئن شپ کٽي ورتي.
ٿائيلينڊ جي شهر ناڪهون پاٿوم ۾ ٿيل چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو. ٻئي ٽيمون ڪنهن به موقعي تي هار مڃڻ لاءِ تيار نه هيون، پر آخر ۾ پاڪستان ٽيم فاتح بڻي.
چيمپيئن شپ جي آخري دنگل جا شروعاتي ٻئي سيٽ ايران 25-22 ۽ 25-21 جي اسڪوئر تان کٽي ورتا.
ٽئين سيٽ ۾ هڪ موقعي تي پاڪستان کي 17-11 جي سرسي هئي، پر ايران زبردست مزاحمت ڪئي ۽ 24-24 تي مقابلو برابر ڪري ڇڏيو.
ٻئي ٽيمون هڪٻئي جون ميچ پوائنٽس روڪينديون رهيون ۽ نيٺ پاڪستان ٽيون سيٽ 30-28 سان کٽي ميچ ۾ واپسي ڪئي.
چوٿين سيٽ ۾ پاڪستان شروع کان ئي ايران کي دٻاءُ ۾ رکيو، ايراني ٽيم مزاحمت ڪئي پر پاڪستان چوٿون سيٽ 25-21 سان کٽي مقابلو برابر ڪري ورتو.
فيصلائتي سيٽ ۾ پاڪستاني رانديگرن ايران کي ويجهو اچڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ۽ 15-10 جي اسڪوئر تان پنجون سيٽ کٽي 2-3 تان ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو
پاڪستان ٻه ڪلاڪ ست منٽن تائين جاري رهندڙ مقابلي ۾ مضبوط اعصاب جو مظاهرو ڪندي 22-25، 21-25، 30-28، 25-21 ۽ 15-10 سان ڪاميابي ماڻي.
پاڪستان طرفان محمد جنيد ۽ فيضان الله شاندار راند پيش ڪئي. جنيد 24 اٽيڪ پوائنٽس سميت 28 پوائنٽس ۽ فيضان الله 18 اٽيڪ ۽ چار بلاڪ پوائنٽس سميت 22 پوائنٽس حاصل ڪيون.