ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار همايون سعيد چيو آهي ته کيس نيٽ فلڪس جي ويب سيريز ”دي ڪرائون“ جي شوٽنگ دوران سڀ کان وڌيڪ ڏکيائي چمي وارو منظر شوٽ ڪرائڻ وقت پيش آئي.
همايون سعيد برطانوي شاهي خاندان تي ٻڌل سيريز جي پنجين سيزن ۾ پاڪستاني ڊاڪٽر حسنات جو ڪردار ادا ڪيو، جنهن جا ليڊي ڊيانا سان رومانوي لاڳاپا هئا، سيريز ۾ هن اداڪاره اليزبيٿ ڊيبڪي کي چُمي ڏني هئي.
ويجهڙ هڪ پوڊڪاسٽ دوران ان سيريز ۾ ڪم ملڻ ۽ تجربي بابت ٻڌايو ته ڪورونا لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ ئي ساڻس ڪم لاءِ رابطو ڪيو ويو، جڏهن ته ان دوران هو پاڻ به ڪورونا جو شڪار ٿي ٿي ويو ۽ 102 بخار هوندي به آڊيشن وڊيو موڪلي.
همايون سعيد جو چوڻ هو ته ته آڊيشن هن پنهنجي دوست نادر جي مدد سان وڊيو تيار ڪئي ۽ 20 ڏينهن کانپوءِ کيس سليڪٽ ڪرڻ جي خبر ملي.
سيريز جي سڄي ٽيم جي پيشيوراڻي رويي جي واکاڻ ڪندي هن چيو ته هو هميشه سيٽ تي سڀ کان پهرين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر پوءِ سڀ کان اڳ پهچي ويندا هئا.
هڪ سوال جي جواب ۾ همايون سعيد چيو ته چُمي وارو منظر سندس لاءِ ڏکيو هو، هن اڳواٽ ئي ٽيم کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته پاڪستان ۾ اهڙي قسم جو ڪم نه ٿيندو آهي، جنهن سبب مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
هن وضاحت ڪئي ته پاڪستان ۾ مڙس ۽ زال به اهڙا منظر ناهن ڪندا ۽ حقيقي زندگيءَ ۾ هڪٻئي سان پري کان ڳالهائيندا آهن.
اداڪار موجب، ٽيم سندس ڳالهه کي سمجهيو ۽ کيس ريليڪس محسوس ڪرائڻ لاءِ ليڊي ڊيانا جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا اليزبيٿ ڊيبڪي ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي ۽ ويجهو اچي کيس اعتماد ڏياريو، جنهن کانپوءِ اِهو منظر شوٽ ٿيو.
هن ٻڌايو ته ريهرسل دوران به سڀني کي چيو هو ته چُمي وارو منظر سندس لاءِ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن اڳ ڪڏهن به اهڙو منظر نه شوٽ نه ڪيو هو، ٽيم جي حوصلا افزائي ۽ ماحول کي سازگار بڻائڻ کانپوءِ ئي منظر شوٽ ڪيو ويو.
You might also like