آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي هينڊز ۽ سرسو سميت 8 اين جي اوز بليڪ لسٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سنڌ حڪومت پاران ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروگرام جي تحت هينڊز ۽ سرسو سميت ٻين اين جي اوز کي جاري ڪيل 8 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي فنڊن مان خرچن ۽ انوائيسز سميت ٻيو لاڳاپيل آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي هينڊز ۽ سرسو سميت 8 اين جي اوز کي بليڪ لسٽ ڪري انهن جي رجسٽريشن ۽ لائسنس رد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي پي اي سيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. نثار کهڙو پڇاڻو ڪيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪهڙن اينجي اوز کي ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروگرام تحت ڪهڙن منصوبن لاءِ ڪيتري فنڊنگ جاري ٿي آهي؟ ان موقعي تي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام جي پي ڊي پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته سنڌ جي 16 اين جي اوز کي 2018ع ۾ هيلٿ، اسڪل ڊولپمينٽ، اسڪل ايجوڪيشن جي منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويا هئا جن مان 8 اين جي اوز 8 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي فنڊن جي خرچن سميت ٻيو آڊٽ جو رڪارڊ فراهم نه ڪيو آهي ۽ جن اين جي اوز 8 ڪروڙ روپين جي فنڊنگ جو رڪارڊ فراهم نه ڪيو آهي انهن ۾ هينڊز، سرسو، آءِ بي اي ڪراچي، هيلٿ ايجوڪيشن لٽريسري پروگرام (هيلپ)، اينگرو فائونڊيشن، وومين اينڊ چلڊرين ميڊيڪل ڪيئر ٽرسٽ، ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ ايسوسئيشن ٿرپارڪر سميت ٻيون اين جي اوز شامل آهن. جنهن تي پي اي سي چيئرمين چيو ته جن اين جي اوز آڊٽ جو رڪارڊ فراهم نه ڪيو آهي انهن اين جي اوز جي رجسٽريشن ۽ لائسنس رد ڪيا وڃن. اجلاس ۾ سنڌ جي ٽن ضلعن ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جي 100 يوسيز ۾ يونين ڪائونسل بيسڊ پاورٽي رڊڪشن پروگرام تحت سرسو کي هڪ ارب روپين جي جاري فنڊنگ مان سرسو پاران بيواهه عورتن کي سلائي ۽ ڪڙهائيءَ لاءِ 10، 10 هزار روپين جو انٽريسٽ فري لون ڏيڻ بجاءِ غريب عورتن کان 10 هزار روپين جي لون تي 8 کان 10 سيڪڙو مارڪ اپ انٽريسٽ وٺڻ جو پڻ انڪشاف سامهون آيو. جنهن تي پي اي سي سنڌ جي ٽن ضلعن جي 100 يوسيز لاءِ هڪ ارب روپين جي سرسو کي جاري فنڊنگ تي فيڪٽ فائينڊنگ جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اجلاس ۾ 2018ع کان 2024ع تائين سنڌ جي 6 ضلعن خيرپور ميرس، سانگهڙ، ميرپورخاص، بدين ۽ ٺٽي ۾ غربت کي گهٽائڻ لاءِ پيپلز پاورٽي رڊڪيشن پروگرام تحت سرسو کي جاري 9.67 ارب روپين جي فنڊنگ مان سرسو پاران 2025ع ۾ اِهو منصوبو ختم ٿيڻ باوجود 38 ڪروڙ روپين جي انٽريسٽ جي رقم سنڌ حڪومت کي واپس نه ڪرڻ جو پڻ انڪشاف سامهون آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.