حڪمران قوتون ٻيهر ڊيمن جي حمايت ۾ سرگرم آهن:نواز زئور

حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين ۽ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي ڪنوينر نواز خان زئور چيو آهي تہ حڪمران قوتون هڪ ڀيرو ٻيهر ڊيمن جي حمايت ۾ سرگرم ٿي ويون آهن. ڇوڙ واري علائقي تائين پهچندڙ پاڻي کي زيان ڪوٺي ڊيمن لاءِ جواز گهڙيا پيا وڃن. جڏهن تہ سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ ماحوليات، ايڪو سسٽم، آبي جيوت ۽ درياهي وجود لاءِ تمام لازمي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن  چيو تہ آبي ماهرن موجب 35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ ساليانو سنڌوءَ مان سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيڻ گهرجي، جنهن سان انڊس ڊيلٽا جي بحالي کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. هوڏانهن نواز خان زئور خيرپور جي سماجي ورڪر شهناز شيخ جي گرفتاري جي نندا ڪندي مطالبو ڪيو آهي تہ کيس هڪدم آزاد ڪيو وڃي.

  1. منشيات جي حوالي سان پوليس تي وڏي تنقيد ٿي رهي آهي:آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ۾ ٿيل گڏجاڻي/ وڊيو لنڪ ڪانفرنسدوران سڄي صوبي ۾ اي پلس ڪيٽيگري جي ڊرگ مافيا ۽ انهن جي ڳٺ جوڙ خلاف پوليس ايڪشن/ آپريشنز ۽ ان حوالي سان پوليس جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ وڌيڪ ضروري هدايتون ڏنيون ويون. آءِ جي سنڌ چيو ته مان ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ضلعي جي ايس ايس پيز کي ڊرگ مافيا ۽ انهن جي ڳٺ جوڙ خلاف سخت ڪارروائي ۽ ڪارڪردگيءَ تي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ ٻين ضلعن جي آفيسرن کي به هدايت ڪريان ٿو ته هو لاڳاپيل ضلعن ۾ منشيات فروشن، انهن جي ڳٺ جوڙ ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروايون تيز ڪن ۽ منشيات مافیاز جي حوالے سان بدنام علائقن ۾ ناڪابندي  ڪندي مسلسل گشت ۽ پوليس چيڪنگ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته منشيات جي حوالي سان پوليس تي سڀ کان وڌيڪ تنقيد ٿيندي آهي ۽ تنقيد جو وڏو سبب عوام جو پوليس تي اعتماد ۽ ڪارڪردگي آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ گهربل يا مفرور منشيات فروش کي گرفتار ڪري، انهن خلاف سخت ڪيس ٺاهي ۽ لاڳاپيل عدالتن مان عبرتناڪ سزائون يقيني بڻائي، جڏهن ته ضمانت تي آزاد ٿيل منشيات فروشن جي ضمانتن جو رڪارڊ به چيڪ ڪري، عدالتن مان سندن ضمانتون منسوخ ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.