پارليامينٽ ميمبرن، جنرلن، ججن جي مراعتن ۽ پگهارن جا تفصيل ظاهر ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽيس ڪميٽي (پي اي سي) جي اجلاس ۾ ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي جڏهن پي اي سي ميمبر ثناءُالله مستي خيل اعليٰ عملدارن، پارليامينٽميمبرن جي مراعتن ۽ پگهارن جا تفصيل ظاهرڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته پارليامينٽ ميمبرن ۽ گريڊ 22 جي آفيسرن کي حاصل مراعتن ۽ پگهارن جا تفصيل ڏنا وڃن، جرنيلن ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن جا پيڪيج به سامهون آندا وڃن، ائين ڪرڻ سان هميشه لاءِ کير کنڊ ٿي ويندو. ثناءُالله مستي خيل جي جرئتمنداڻي بيان تي ڪميٽي چيئرمين ۽ ٻيا ميمبر مرڪي پيا پر مستي خيل نه مڙيو ۽ پي اي سي چيئرمين کي مخاطب ڪندي چيائين ته چيئرمين صاحب، اوهان ڊائريڪشن ڏيو، ڇا اوهان به ڊڄو ٿا؟ هن اعلان ڪيو ته ان مطالبي تي جيڪڏهن به نتيجو ڀوڳڻو پيو ته مان تيار آهيان، گهٽ ۾ گهٽ ان سان عوام کي خبر ته پوندي ته ڪرپٽ ڪير آهي، سياستدان يا ڪو ٻيو. اجلاس ۾ ميمبر جنيد اڪبر توشاخانا بابت انڪشاف ڪيو. هن چيو ته مان توشاخانا جو مڪمل رڪارڊ گهرايو هو پر رڳو پارليامينٽ ميمبرن جي ڊيٽا ڏني وئي. ٻئي طبقي بابت چيو ويو ته اهي ته تحفا سڌو گهر کڻي ويندا آهن، ان لاءِ مان اهو رڪارڊ پبلڪ نه ڪيو. پي اي سي چيئرمين معاملي تي خاموشي اختيار ڪندي ڪنهن به واضح فيصلي کان پاسو ڪيو. اجلاس ۾ ٿيل ڳالهين ٻيهر طاقتور طبقن کي حاصل مراعتن جي رازن تي نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.