مک ڪردار ڪومل اسماعيل منظر تان گم، ايف آءِ اي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مبينا توهينِ مذهب گينگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت پاران جاچ ۾ تيزيءَ جي هدايت جاري ڪئي وئي. اهم ڪردار ڪومل اسماعيل عرف ايمان بابت ايف آءِ اي عدالت کي آگاهه ڪيو ته هوءَ گهران لاپتا آهي ۽ سندس ڳولا جاري آهي. ڪيس ۾ الزام آهي ته ڪومل مردن کي هرکائي ڦاسائيندي هئي ۽ توهين مذهب جا الزام لڳرائيندي هئي. سندس والدين موجب هوءَ هفتو اڳ گهر ڇڏڻ بعد لاپتا آهي. ڪومل پرڏيهه ناهي وئي، پاڪستان ۾ ئي آهي. عدالت خدشو ظاهر ڪيو ته سندس زندگي خطري ۾ ٿي سگھي ٿي، ۽ جيڪڏهن هوءَ پاڻ پيش ٿئي ته کيس تحفظ فراهم ڪيو ويندو. ايف آءِ اي ٻڌايو ته ڪومل جا واٽس ايپ اڪائونٽ مختلف نمبرن تان سرگرم آهن، جڏهن ته سڃاڻپ ڪارڊ سميت ان تي جاري سمون بلاڪ ڪرايون ويون آهن. عدالت ميڊيا ذريعي نوٽيس ڇپرائڻ، ثبوتن جي رپورٽ، ۽ فارنزڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. توهين مذهب قانونن جي غلط استعمال بابت هن ڪيس جي عدالت روزاني ٻڌڻي ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.