صدر سان وزيراعظم جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم صدر آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سڪيورٽيصورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي جاري ڪيل پڌرائي موجب، ملاقات ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ دفاع واري وزير خواجا آصف، منصوبابندي واري وزير احسن اقبال، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ، محسن نقوي ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله شرڪت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي، سڪيورٽي، امن امان جي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف اپائن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم معيشت جي بهتري لاءِ حڪومتي اپائن کان صدر کي آگاهه ڪيو جنهن تي هن اطمينان جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن ملڪي استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ورجايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.