ميرپورٻرڙو ويجهو زميني تڪرار تان شهر ويندڙ 2 نينگر قتل

ميرپورٻرڙو/ٺل (رپورٽ:صحبت ٻرڙو/محمد حيات ڪنڊراڻي) مبارڪپور ويجھو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام الدين بجاراڻي ۾ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو فائرنگ گوليون لڳڻ سبب ٻه نينگر مارجي ويا جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب 12 سالا قدير بنگلاڻي ۽ 14 سالا عبدالسبحان بنگلاڻي قتل ٿي ويا،وارثن جو چوڻ هو ته ٻئي نينگر ڪرمپور وڃي رهيا هيا ته شير بنگلاڻي جي ڌر ٻنهي نينگر کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، ٻنهي نينگر جا لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا، بنگلاڻي برادي ۾ زمين جي معاملي تي جهيڙو هلندڙ هو، 3 ڏينهن اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيل الله بخش بنگلاڻي جي پلاند ۾ ٻنهي نينگر کي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس قتل ٿيل نينگر قدير بنگلاڻي 6 مهينا اڳ اغوا ڪيو ويو هو، پوليس ،مقتول نينگر قدير بنگلاڻي جي ان وقت اغوا جو ڪيس شير بنگلاڻي ڌر تي داخل ڪرايو ويو هو، آخري اطلاعن تائين اھڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.