مذهب تي ڳالهائڻ بحث ڪرڻ ۽ يا لکڻ هن ملڪ ۾ هڪ انتهائي حساس مسئلو سمجهيو ويندو آهي ۽ حقيقت ۾ ائين آهي به. پنجاب جي گورنر سلمان تاثير ، شاگرد مشال خان کان پوءِ جتي هڪ طرف هڪ ڊگهي خاموشي ڇائنجي وئي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کان سواءِ ڪنهن به آواز نه اٿاريو، جنهن بعد اهڙا ٻيا به ڪافي واقعا پيش آيا، لاهور ۾ مسيحي برادري جي گهرن کي باهيون ڏنيون ويون.
هڪ رپورٽ مطابق مذهب جي آڙ وٺي ڪيترن ئي ماڻهن کي ذاتي دشمنين جي ڪري به قتل ڪيو، ايڇ آر سي پي مطابق آڪٽوبر 2024 تائين توهين مذهب، توهين رسالت جي الزامن هيٺ سموري ملڪ جي مختلف شهرن جي جيلن ۾ 750 ماڻهو قيد هئا،جن ۾ ڇهه عورتون به شامل هيون، سڀ کان وڌيڪ ڪيس پنجاب ۾ رجسٽر ٿيا، پنجاب 62 سيڪڙو، سنڌ 30 ۽ ٻين صوبن ۾ اٺ سيڪڙو ۽ جن جن تي به ڪيس داخل ٿيا انهن ۾ مسلمانن جو تعداد 70 سيڪڙو، احمدي 14 سيڪڙو، عيسائي 6 سيڪڙو، ۽ هندو 9 سيڪڙو شامل هئا، ۽ هڪ تازي رپورٽ موجب 2024 ۾ به تقريبن 344 ڪيس داخل ٿيا، جن مان 295A تحت 106 ڪيس، 298A تحت 128 ڪيس 299C تحت خاص ڪري احمدين تي 69 ڪيس، ۽ 295B/C تحت 62 ڪيس داخل ڪيا ويا، جيڪا انتهائي تشويشناڪ صورتحال آهي ۽ انهيءَ دوران الزام هيٺ آيل مختلف ماڻهن جو جيلن ۾ پراسرار قتل به ٿيو مطلب لاش به هٿ آيا پر ڪا به انڪوائري نه ٿي، رشتيدارن ڊپ مان لاش وصول ڪري رات جو دفنائي ڇڏيا.
هر طرف ڇانيل اهو خوف جو دونهون هاڻ تڏهن ختم ٿي رهيو آهي جڏهن ايمان مزاري، هادي چڍا، سميت مختلف وڪيلن هاءِ ڪورٽ آف اسلام آباد جي عدالت ۾ توهين مذهب جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ پٽيشن داخل ڪئي ، ۽ پٽيشن ۾ ان ڪجهه اهڙا ثبوت ڏنا جنهن کي ڏسي جسٽس اسحاق خان به حيران ٿي ويو، ۽ ان ايف آءِ اي جي افسرن کي چيو ته اوهان جو ڪم ته هاڻ جوابدارن جا وڪيل ڪري رهيا آهن، ايمان مزاري ۽ ٻين وڪيلن جو اهو به چوڻ هو ۽ انهن ثبوت به ڏيکاريا ته اسلام آباد، راولپنڊي، ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ جيڪي ڪيس داخل ٿيا آهن انهن جي پويان هڪ ئي بلاسفيمي گروپ جو هٿ آهي، جيڪي پئسن جي لالچ ۾ نوجوانن تي ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن، ۽ انهيءَ بلاسفيمي گينگ جي ماسٽر مائينڊ هڪ ئي شخص جو هٿ آهي ۽ ڪافي ڪيسن ۾ هو پاڻ فريادي آهي،۽ سخت حيرت جي ڳالهه ته اها آهي جو اسلام آباد ۾ توهين جي الزام هيٺ آيل شخص جنهن جي مٿان ڪيس داخل ڪيو هو اهو اغوا ٿي ويو ، ۽ جڏهن ان جي سي ڊي آر ڪڍي وئي ته ان ۾ اهو انڪشاف ٿيو ته اغوا ٿيڻ کان پنج منٽ پهرين ان جو ماسٽر مائينڊ شخص سان فون تي رابطو ٿيو هو، ۽ جنهن گاڏي ۾ اغوا ٿيو ان جو نمبر به ان ماسٽر مائينڊ جي نالي رجسٽر هو،ڪورٽ ۾ وڪلين جو اهو به چوڻ هو ته ان بلاسفيمي گينگ ۾ هڪ عورت به آهي جيڪا مختلف نالا استعمال ڪري نوجوانن کي فيس بڪ ۽ واٽس اپ تي رابطو ڪري رومانوي ڳالهيون ڪري محبت جي ڄار ۾ ڦاسائيندي آهي ۽ پوءِ هڪ واٽس اپ گروپ ۾ کين شامل ڪندي آهي ۽ گروپ ۾ هڪ ٻي نمبر تان توهين آميز مواد شيئر ڪيو ويندو آهي ته اهو نوجوان ان عورت سان رابطو ڪندو آهي ته مونکي ڪهڙي گروپ ۾ ايڊ ڪرايو اٿو جنهن ۾ ته توهين آميز مواد پيو اچي ته اها عورت لاعلم ٿي چوندي آهي ته مونکي خبر ناهي ته ڪهڙو مواد آهي مونکي موڪل ته آئون ڏسان ڇا آهي، ۽ جڏهن اهو ساڳيون مواد ڪاپي ڪري اهو نوجوان ان عورت ڏانهن موڪليندو آهي ته پوءِ اصل گيم شروع ٿيندي آهي، انهيءَ نوجوان جا ڪاپي ڪري موڪليل مواد جا اسڪرين شارٽ ڪڍي ايف آءِ اي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو آهي ته هن گستاخي ڪئي آهي ۽ پوءِ فريادي ان نوجوان کان لکين روپين جي ڊمانڊ ڪندو آهي ته مونکي هيتري رقم ڏي ته آئون درخواست تان هٿ کڻي سگهان ٿو نه ته ٻي صورت ۾ توکي ڦاسي ملندي ۽ جيڪو نوجوان بليڪ ميلينگ ۾ اچي ڊڄي ويندو آهي اهو پئسا ڏيئي جان ڇڏرائيندو آهي ۽ جنهن وٽ پئسا ناهن هوندا يا پئسا ڏيئي ناهي سگهندو اهو گرفتار ڪيو ويندو آهي يا ماريو ويندو آهي، اهڙا ڪيترائي واقعا پهرين ٿي به چڪا آهن.
سو هاءِ ڪورٽ اسلام آباد ۾ اهو به ثابت ٿي چڪو آهي ته هڪ بلاسفيمي گينگ جيڪو ماسٽر مائينڊ شخص هلائي ٿو ان سان گڏ هڪ عورت پوليس، ايف آئي اي سميت مختلف ادارن جا افسر به شامل آهن، ڪورٽ جي شروعات ۾ پروسيڊنگ نارمل رهي پر جڏهن الزام هيٺ آيل نوجوانن جي وڪيلن انهيءَ بلاسفيمي گينگ کي وائکو ڪرڻ شروع ڪيو ته پوءِ انهن ماڻهن ڪافي دفعا ڪورٽ ۾ گوڙ ڪيو، ڪورٽ تي حملو ڪيو، ۽ مذهب جي آڙ ۾ جسٽس کي به ڌمڪائڻ شروع ڪيو پر جسٽس انهن کان نه ڊنو، ۽ هاڻ انهيءَ گينگ جون دانهون ڪوڪون آهن، بلاسفيمي گينگ طرفان ڦاسايل ڪافي ماڻهن مختلف جيلن ۾ پراسرار طور فوت به ٿي چڪا آهن ۽ سڀ سمجهن به ٿا ته اهو موت طبعي نه پر قتل آهي پر ڊپ مان ڪو ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي ، وارث به خاموشي سان بنا پوسٽ مارٽم جي رات پيٽ ۾ اهي لاش دفنائي ڇڏيندا آهن۔
منهنجو هي ڪالم پڙهڻ کانپوءِ ڪافي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو به سوال ضرور جنم وٺي رهيو هوندو ته جڏهن سون جي تعداد ۾ ماڻهو جيلن ۾ آهن ۽ هڪ سئو مان هڪ ماڻهو انهيءَ گينگ جي بليڪ ميلينگ ۾ اچي پاڻ بچائڻ لاءِ پئسا ڏيندو آهي ته پوءِ انهيءَ گينگ کي آخر ڪهڙو فائدو آهي،بظاهر مذھب جي آڙ وٺي پاڻ کي وڏو مذهبي سڏرائي "خدمت” ڪندڙ ماڻهن کي ماڻهو هيرو سمجهن ٿا ۽ اهي سمجهن ٿا ته اهي اهي هيرو آهن جيڪي دين خاطر وڙهي رهيا آهن، انهن کي عزت جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو، ماڻهن جا جملا هوندا آهن ته "خدمت ۾ اسان جو به حصو شامل هجي”، ان نالي تي ڪروڙين روپيا فنڊ به ملن ٿا.
منهنجي خيال ۾ اهڙن گينگن جي ماڻهو ان لاءِ انهن جي مخالفت نٿا ڪن ته هي توهين جي خلاف ڳالهائين ٿا. پر مسئلو ان وقت پيدا ٿئي ٿو جڏهن هي پاڻ پوليس، پاڻ عدالت، پاڻ مدعي ۽ پاڻ منصف بڻجي وڃن ٿا، بس ماريو ماريو جون صدائون بلند ٿين ٿيون،اهڙا ماڻهو رياست جي اندر پنهنجي رياست ٺاهي ويٺا آهن، جيڪڏهن انهن کي اڃان به وڌيڪ آزادي ملي ته اهي ڪنهن کي به کڻي چئي سگهن ٿا ته هي توهين ڪندڙ آهي هن کي اسين ماريون ٿا، جيڪو هو هينئر به ڪري رهيا آهن،
آئون نٿي چوان ته توهين ڪندڙن کي آزاد ڇڏيو وڃي، اوهان سموري ملڪ جون ڪورٽون وڃي ڏسو ڪٿي به اهڙي ڪا به پٽيشن داخل ٿيل ناهي جيڪا چوي ته توهين ڪندڙن کي ڇوٽ ڏيئي ڇڏجي. اسان جو صرف اهو موقف آهي ته قانون پنهنجي طريقي سان سزا ڏئي، جيئن قانون ۾ لکيل آهي، ۽ جيڪو به توهين جي ايف آئي آر داخل ڪرائي انهن جي آمدني جا ذريعا به ڏٺا وڃن،انهن جو لائيف اسٽائل به، ڇا هي ڪا نوڪري ڪندا آهن؟ يا سڄو ڏينهن اهڙا موقعا تلاش ڪندا آهن ته جيئن ڪنهن تي توهين جو الزام لڳائي سگهجي،
سوال ته آخر سوال ئي رهندا.۽ سوال اهي آهن جنهن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي،۽ اهڙي ڪاروبار ڪندڙن کي وائکو ڪندڙن مٿان ۽ انهن جي اهڙي غيرقانوني ڪمن جي مخالفت ڪندڙن تي توهين جي حمايت جو فتويٰ لڳائڻ، هيءُ انهن جو سڀ کان آسان ۽ اثرائتو هٿيار آهي، ۽ هيئنر تازو ئي سنڌ ۾ جيڪو ڊاڪٽر شاهنواز کي ايڪسٽرا جوڊيشل قتل ڪيو ويو، قومپرست اڳواڻ حيدر کوسو کي توهين ۾ ڦاسايو ويو، ٿرپارڪر ۾ جيڪي توهين الزام هيٺ گرفتار ٿيا ڪٿي ائين ته ناهي جو سنڌ ۾ به پنجاپ وانگر ڪا بلاسفيمي گينگ سرگرم آهي؟