سنڌ هاءِ ڪورٽ جو نمبر پليٽن جي تبديليءَ خلاف درخواست ٻڌڻ کان انڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ موٽر سائيڪلن جي نئين نمبر پليٽن جي تبديليءَ خلاف ترت ٻڌڻي جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت هدايت ڪئي آهي ته درخواست موڪلن کانپوءِ پيش ڪئي وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موٽر سائيڪلن جي نئين نمبر پليٽن خلاف داخل درخواست کي فوري ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ بابت ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت ترت ٻڌڻي جي درخواست رد ڪندي چيو ته اها موڪلن کانپوءِ پيش ڪئي وڃي.
درخواست گذار جي وڪيل مشتاق تبولي ايڊووڪيٽ موقف پيش ڪيو ته هي فوري نوعيت جو معاملو آهي، هزارين موٽر سائيڪل هلائيندڙن جا چالان ٿي رهيا آهن.
ان موقعي تي جسٽس ذوالفقار سانگي رمارڪس ڏيندي چيو ته هي ڪجهه هزار رپين جا مامرا موڪلن ۾ کڻي آيا آهيو، ماڻهن جا ٻيا اهم ڪيس به آهن.
سماجي ڪارڪن فيضان حسين طرفان نمبر پليٽن جي تبديليءَ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت جي فيصلي سان غريب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ نوٽيفڪيشن موجب نئين نمبر پليٽ نه لڳائڻ تي گاڏيون ضبط ڪيون پيون وڃن.
درخواست موجب، شهري اڳ ئي حڪومت کان پئسا ڏئي پراڻيون نمبر پليٽون حاصل ڪري چڪا آهن، نئين ڊيزائن واري نمبر پليٽ مفت ڏيڻ گهرجي، ٽريفڪ پوليس نئين نمبر پليٽن جي نالي تي شهري هراسان ڪري رهي آهي، سرڪاري ادارا مهينن کان نئين نمبر پليٽن جا منتظر آهن، جڏهن ته روڊ ڪنارن تي ويٺل ماڻهو جعلي پليٽون ٺاهي رهيا آهن.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ٽريفڪ پوليس طرفان هراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي، نيون نمبر پليٽون مفت جاري ڪيون وڃن، ڏنڊ ۽ گاڏيون ضبط ڪرڻ جو عمل روڪيو وڃي.
هن درخواست ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، موٽر وھيڪل رجسٽريشن ونگ ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي ڌر بڻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.