ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ 18 جولاءِ جي شام کان برساتن جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته برسات وسائيندڙ اهو سسٽم اترين علائقن مان سنڌ تي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي.
چوماسي جو زوردار اسپيل پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ سنڌ ۾ برساتون وسائي رهيو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ موسم جهڙالي آهي، شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال آهن ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 35 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت بونداباندي جو امڪان آهي.
موسميات کاتي 18 جولاءِ جي شام کان ڪراچي ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 19 ۽ 20 جولاءِ تي ڪراچي ۾ سٺو مينهن وسي سگهي ٿو، جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ان سسٽم تحت برساتن جو امڪان آهي.
You might also like