توهينِ مذهب ڪيسن جي جاچ لاءِ وفاق کي 30 ڏينهن اندر ڪميشن جوڙڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي توهينِ مذهب وارن ڪيسن جي جاچ لاءِ جاچ ڪميشن قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جي سربراهي ۾ توهينِ مذهب جي ڪيسن بابت جاچ ڪميشن جي جوڙجڪ لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران جنهن دوران عدالت درخواستون منظور ڪندي وفاقي حڪومت کي حڪم ڏنو ته 30 ڏينهن اندر ڪميشن قائم ڪئي وڃي.
عدالت طرفان جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت طرفان قائم ڪيل ڪميشن کي چئن مهينن اندر پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڪميشن کي وڌيڪ وقت جي ضرورت پئي ته هو عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.