اسرائيل خلاف جنگ ۾ پاڪستان جيڪو ساٿ ڏنو، اهو ڪڏهن نٿا وساري سگهون: ايراني صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته پاڪستان اسرائيل خلاف جنگ ۾ جيڪو ساٿ ڏنو، ان کي ڪڏهن وساري نٿا سگهون.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان تهران ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ-ايران لاڳاپن ۽ ٻه طرفي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون، محسن نقوي اسرائيل خلاف جنگ ۾ ايران جي عظيم ڪاميابي تي صدر کي واڌايون ڏنيون.
محسن نقوي چيو ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي سميت سڄي قوم جارحيت خلاف ثابت قدميءَ سان مقابلو ڪيو، سپريم ليڊر جي دانشمنداڻي اڳواڻي ۽ اوهان جي بهتر حڪمت عمليءَ جنگ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو.
هن چيو ته ايران جو جنگ ۾ فيصلائتو ڪردار سڄي مسلم امت لاءِ فخر جو سبب آهي، پاڪستان ايران تي حملي جي هر فورم تي ڀرپور مذمت ڪئي، پاڪستاني پارليامينٽ ايران تي مڙهيل جنگ خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو، پاڪستان ايران جي دفاع جي جائز حق جي حمايت ڪئي.
ملاقات دوران محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايران جي صدر کي نيڪ تمنائن ۽ احترام جو پيغام به ڏنو.
صدر مسعود پزشڪيان چيو ته اسان پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيون ٿا، اسلام آباد جيڪو ساٿ جنگ دوران ڏنو، ان کي وساري نٿا سگهون.
هن چيو ته صيهوني حڪومت اسلامي ملڪن وچ ۾ ورهاست ۽ ڪمزوري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسلامي ملڪن وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي انتهائي ضروري آهي، جيڪڏهن اسلامي حڪومتون اتحاد جي اهميت کي سمجهي وڃن ته اهي صيهوني حڪومت خلاف گڏيل مورچو جوڙي سگهن ٿيون.
مسعود پزشڪيان ايران ۽ پاڪستان جي موجوده ٻه طرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل سهڪار کي وڌائڻ لاءِ سفارتي رابطن ۽ تعميري ڳالهين جي اهميت تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.