ممبئي (ويب ڊيسڪ): ڀارت جو ليجنڊري اداڪار ڌيرج ڪمار 79 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڌيرج ڪمار ڪجهه ڏينهن کان ممبئيءَ جي هڪ مقامي اسپتال ۾ داخل هو، جتي کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو، پر اڄ علاج دوران زندگي جي جنگ هارائي ويو
ڌيرج ڪمار 1965ع ۾ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. بالي ووڊ سميت پنجابي ۽ ٻين مقامي ٻولين ۾ به هن پنهنجي فن جو جو مظاهرو ڪيو.
ڌيرج 1970ع کان 1984ع تائين 21 پنجابي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، سندس مشهور فلمن ۾ ”راتون ڪا راجا“، ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان“ سميت ٻيون فلمون شامل آهن.
ڌيرج ڪمار ٽيليويزن تي به سرگرم رهيو، جتي هن ڪيترن ئي مشهور ڊرامن ۾ مک ڪردار نڀايا، جڏهن ته هو پروڊڪشن ڪمپني جو مالڪ به رهيو، جنهن تحت هن ڪيترائي مقبول پروگرام ٺاهيا.
You might also like