عمران خان مڪمل صحتمند آهي، سندس سڀ غضوا ڪم ڪري رهيا آهن: اڊيالا جيل انتظاميا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي جيل ۾ بي ڪلاس جون سڀ سهولتون حاصل آهن ۽ هو مڪمل طور تي صحتمند آهن، سندس سمورا عضوا مقرر معيار موجب ڪم ڪري رهيا آهن۔
انتظاميا موجب پي ٽي آءِ باني کي مليل سهولتن ۾ مناسب خوراڪ، ڪتابن ۽ اخبارن جو مطالعو، روزاني ورزش، ۽ واڪ جي اجازت شامل آهي، عمران خان کي ايڪسرسائيز سائيڪل ۽ ايل اي ڊي جي سهولت پڻ حاصل آهي، پي ٽي آءِ باني پنهنجي احاطي جي کليل اڱڻ ۾ ٻه ڪلاڪ روزانو ايڪسرسائيز ڪندو آهي.
انتظاميا موجب، جيل ۾ مقرر ڊاڪٽر پي ٽي آءِ باني جو طبي معائنو ڪن ٿا، ٻن هفتن دوران سندس ڪا به بيماري يا تڪليف سامهون ناهي آئي.
جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته عمران خان جي سيڪيورٽي ۽ صحت بابت سڀ ذميواريون پوريون ڪيون پيون وڃن.
اتنظاميا موجب، عمران خان کي مليل سهولتون عام بي ڪلاس قيدين کي حاصل نه آهن، جڏهن ته گذريل ٽن مهينن دوران 66 عورتن ۽ مردن، جن ۾ پارٽي اڳواڻ، وڪيل ۽ گهرڀات شامل هئا ساڻس ملاقات ڪري چڪا آهن.
جاري ڪيل بيان موجب، عمران خان عام چونڊن، احتجاج ۽ 26هين آئيني ترميم بابت جيل مان ئي هدايتون ڏيندو رهيو آهي ، سندس 45 بيان اهم سرخين جو حصو بڻيا، جڏهن ته ٻن سالن دوران عالمي ميڊيا سان پڻ رابطي ۾ رهيو آهي.
اڊيالا جيل انتظاما واضح ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ باني بابت سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي ڦهلايل افواهن ۾ ڪا به سچائي ناهي، واويلا ڪري سستي شهرت حاصل ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جيل اندر عمران خان سان ڪنهن به قسم جو امتيازي ورتاءُ نه پيو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.