لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز لاءِ اي-ويزا سهولت جي باظابطا شروعات ڪري ڇڏي.
برطانوي هاءِ ڪمشن تصديق ڪئي آهي ته اڄ کان شاگردن ۽ پروفيشنل ويزا هولڊرن کي پاسپورٽ تي اسٽيڪر ويزا جي ضرورت نه رهندي.
اي-ويزا جي تحت، برطانيا ۾ رهڻ جي اجازت ۽ شرطن جو آن لائين رڪارڊ موجود هوندو، جيڪو سفر کي وڌيڪ آسان، محفوظ ۽ ڊجيٽل بڻائيندو.
برطانوي هاءِ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ”اي-ويزا نظام نه رڳو بارڊر ۽ اميگريشن سسٽم کي جديد بڻائيندو، ان سان وقت به بچندو ۽ مسافر پنهنجو پاسپورٽ به پاڻ وٽ محفوظ رکي سگهندا.“
پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز لاءِ خوشخبري، برطانوي حڪومت وڏي سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي
You might also like