آءِ ايم ايف حڪومتي ” فوڊ ايمرجنسي“ وارو موقف رد ڪندي 7 ارب ڊالر پروگرام تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پاڪستان جي فوڊ ايمرجنسي واري موقف کي رد ڪندي 7 ارب ڊالر جي پروگرام ۾ مبينا ڀڃڪڙين تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف پاڪستان طرفان 5 لک ٽن کنڊ جي درآمد تي سمورا ٽيڪسز ختم ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان عمل کي پروگرام جي واضح خلاف ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.
آءِ ايم ايف، پاڪستان طرفان ”فوڊ ايمرجنسي“ جو جواز پيش ڪرڻ کي به رد ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ جي برآمد جي اجازت کانپوءِ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو کنڊ جي قيمت 200 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي، جڏهن ته ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر شروع کان ئي کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ جي مخالفت ڪري رهيا هئا، پر ان جي باوجود وفاقي ڪابينا سمري منظور ڪئي.
ايف بي آر کنڊ تي سڀ درآمدي ڊيوٽيون معاف ڪري ڇڏيون ۽ سيلز ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس صرف 0.25 سيڪڙو مقرر ڪيو.
ذريعن موجب، پاڪستان آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي تحت نئين ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جو پابند ناهي.
ٻئي پاسي، ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) 3 لک ٽن کنڊ جي درآمد لاءِ ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي آخري تاريخ 18 جولاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.
حڪومت هاڻي درآمد ۽ ٽيڪس ڇوٽ تي ٻيهر غور ڪري رهي آهي، جڏهن ته شوگر ملز ايسوسيئيشن به ڪرشنگ سيزن جي شروعات لاءِ راضي ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.