اسان سختيون پيا ڪاٽيون ۽ توهان پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهيو: عمران خان جو پارٽي اڳواڻن کي سخت پيغام

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته اسان جيل ۾ سختيون ڪاٽي رهيا آهيون ۽ توهان اختلاف پيدا ڪري رهيا آهيو، ذاتي اختلاف ختم ڪيو ۽ سڄو فوڪس تحريڪ تي رکو.
اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ عليمه خان چيو ته پي ٽي آءِ باني تي جيل ۾ سختيون ڪيون پيون وڃن، سندس ٽي وي ۽ اخبارون بند ڪيون ويون آهن، عمران خان چيو ته بشريٰ بي بي سان ظلم ٿي رهيو آهي.
عليمه خان موجب عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان جيل ۾ سختيون ڪاٽي رهيا آهيون ۽ ماڻهن جي ذاتي اختلافن جي لڳل آهي، جيڪو ذاتي اختلاف پيدا ڪندو ان کي مان ڏسندس، ذاتي اختلاف ختم ڪيو ۽ سڄو ڌيان تحريڪ تي رکو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.