نائب وزيراعظم ڊار جي ”گريٽ هال آف دي پيپل“ ۾ چيني صدر سان ملاقات

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ٿي آهي.
شنگھائي سهڪاري تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس کان اڳ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، گريٽ هال آف دي پيپل ۾ چيني صدر سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران صدر شي جن پنگ، شنگھائي تعاون تنظيم جي فريم ورڪ تحت علائقائي سهڪار جي اهميت تي زور ڏنو.
ان موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير سان به ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي تسلسل ۽ گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، اسحاق ڊار جون ايس سي او اجلاس جي سائيڊ لائين تي ٻين ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان به ٻه طرفي ملاقاتون طئه ٿيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.