ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ گذريل چار ڏينهن کان مسلسل واڌ کانپوءِ اڄ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ اڄ في تولو سون ست سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٽي لک 59 هزار رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 600 رپيا لاٿ بعد 3 لک 7 هزار 784 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 7 ڊالرز گهٽتائي سان 3365 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like