گيلپ ڪچي جي ڌاڙيلن يا ڪراچي جي گندگي تي راءِ ورتي؟ بئريسٽر سيف

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته گيلپ سروي فارم 47 واري حڪومت جي چرچ تي تيار ڪئي وئي، جنهن جو زميني حقيقتن سان ڪو واسطو ناهي. هن چيو ته سياسي جماعتن جو بيانيو جعلي سروي سان نه پر عوام جي ووٽن سان ٺهندو آهي. بيرسٽر سيف چيو ته گيلپ کي گهرجي ته پنجاب حڪومت جي ناڪامين ۽ ڏکڻ پنجاب جي محرومين تي به راءِ وٺي. هن سوال ڪيو ته ڇا گيلپ ڪچي جي ڌاڙيلن يا ڪراچي جي گندگي بابت به ڪا عوامي راءِ ورتي؟ سندس چوڻ هو ته عوام کي خبر آهي ته سندن مينڊيٽ ڪير چوري ڪري اقتدار ۾ ويٺو آهي، ووٽ چور اهڙن سروي حربن سان ماڻهن کي گمراهه نه ٿا ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.