خيرپور اسپتال جي زبون حالي، صحت جي نظام تي اٿندڙ سوال

سنڌ ۾ صحت جي حوالي سان ڪيتريون ئي دعوائون ڪيون وينديون آهن، ترقياتي بجيٽن جا اعلان ٿين ٿا، اسپتالن جي حالت سڌارڻ جا اعلان ڪيا ويندا آهن، پر جڏھن ميدان تي نظر وجهبي ته سڄي حڪومتي مشينري جي نااهلي، لاپرواهي ۽ بيحسي پنهنجو مڪمل ڏيک ڏيندي نظر ايندي آهي.  ان ڳالهه جو تازو مثال خيرپور جي سول اسپتال آهي، جتي انساني زندگين جي تحفظ جي نالي تي قائم ڪيل اداري اندر ئي انساني جانين جي لتاڙ ٿيندي رهي آهي. وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته خيرپور جهڙي تاريخي شهر جي مرڪزي اسپتال، جيڪا نه رڳو ضلعي پر ڀرپاسي وارن علائقن جي لکين ماڻھن لاءِ آخري اميد جي جڳهه آهي، اڄ هڪ اهڙي تباهه حال تصوير پيش ڪري رهي آهي، جتي نه ڪا طبي سهولت آهي، نه انساني احترام، نه حڪومتي توجهه ۽ نه ئي ڪو اخلاقي جوابداري جو احساس.خيرپور سول اسپتال جي حالت زار صرف افسوس جوڳي نه پر شرمناڪ حد تائين انسانيت جي تذليل جو مرڪز بڻجي چڪي آهي. جتي مريضن لاءِ نه بستر آهن نڪي وري دوا. نه رت بغير پئسن جي ملي ٿو  ۽ نه ئي ايمرجنسي لاءِ ضروري آلات موجود آهن.

خيرپور اسپتال لاءِ موجوده مالي سال ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 9 ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي، پر حقيقت اها آهي ته ان مان ڪوبه پائيدار ڪم نه ٿيو آهي. بجيٽ جو خرچ رڳو فائيلن، رپورٽن ۽ ڪاغذن تائين محدود آهي. زمين تي صورتحال ان جي ابتڙ آهي. حالتون انهيءَ حد تائين پهتيون آهن جو ڪجهه ڏينهن اڳ اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ نمبر 2 جي ڇت رات جي اونداهي ۾ مريضن ۽ سندن وارثن مٿان ڪري پئي، جنهن سبب 14 مريض زخمي ٿيا.اهو الميو رڳو ڇت ڪرڻ تائين محدود ناهي. اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ رڳو ٻه اسٽريچر موجود آهن، جن مان به هڪ ڀڳل حالت ۾ آهي. باقي مريض رلين ۽ چادرن ۾ ڇڪي، ٽنگي وارڊن تائين پهچايا وڃن ٿا. جتي ڪيترائي اسٽريچر، ويل چيئرون ۽ بستر ڪٻاڙ خاني جي حوالي ڪيا ويا آهن.ايمرجنسي وارڊ جي دروازي کان وٺي اندرين حصن تائين جيڪا حالت آهي، اها وحشت جي تصوير پيش ڪري ٿي. گرمي جي موسم ۾ جتي اسپتال ٿڌي ۽ آرامده جڳهه هجڻ گهرجي، اتي خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ايئرڪنڊيشن جو وجود ئي نه آهي. فقط ٽي کان چار پکا هلن ٿا.اهو سڀ ڪجهه ان وقت پيش اچي ٿو، جڏهن اسپتال کي هر مهيني 9 ڪروڙ روپيا رڳو پگهارن جي مد ۾ ملن ٿا. ۽ رڳو دوائن لاءِ هر ٽن مهينن ۾ 4 ڪروڙ رپيا مختص ٿين ٿا. جڏھن ته اسپتال ۾ 16 مختلف ڊپارٽمينٽ، آفيسون ۽ وارڊ موجود آهن، جن ۾ ميڊيڪل، سرجيڪل، آرٿوپيڊڪ، برنس ۽ ٻيا اهم شعبا شامل آهن. ان کان علاوه، اها اسپتال ميڊيڪل ڪاليج سان به ڳنڍيل آهي، جنهن ڪري ان جي بجيٽ سنڌ جي ٻين شهرن کان وڌيڪ آهي. ڪراچي، حيدرآباد ۽ نوابشاهه کان پوءِ خيرپور سول اسپتال وڏي بجيٽ رکندڙ سرڪاري اسپتال آهي. پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اها بجيٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي؟

صحت کاتي سنڌ جي لاپرواهي ۽ سڌاري جي کوٽ انهيءَ سان ئي ظاهر نٿي ٿئي، بلڪه ڪمشنر سکر ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جهڙا ضلعي سطح جا اعليٰ اختيار رکندڙ آفيسر به ان تڪليف ڏيندڙ واقعي کان پوءِ ايترا بي حس نڪتا جو ڪوبه دورو، ڪوبه بيان، ڪوبه نوٽيس تائين نه ورتو ويو. جڏهن خيرپور جهڙي شهر ۾ غربت، بيروزگاري ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ جي ڪري ماڻهو پئسي، علم، رسائي ۽ طاقت جي حوالي کان اڳ ئي ناڪام آهن. اهڙن حالتن ۾ جيڪڏهن هڪ ئي موجود سهارو، يعني سرڪاري اسپتالون به بي اثر ۽ بي سود بڻجي وڃن، ته پوءِ ماڻهن جي قسمت کي ڌڪ ڏيڻ کانسواءِ ڇا چئجي؟

سوال اهو آهي ته اسپتال جي ڇت ڪرڻ کان پوءِ ڪو موت ٿئي ها ته ڇا ان تي به خاموشي اختيار ڪئي وڃي ها؟ ڇا سنڌ حڪومت اهڙي لاپرواهيءَ کي لڪائيندي رهندي؟ ڇا ميڊيا ۾ ايندڙ وڊيوز ۽ رپورٽون به ڪافي نه آهن؟ يا ڪنهن غريب جو مرڻ، ڪنهن به اختيار واري لاءِ اهميت نٿو رکي؟ خيرپور سول اسپتال جو الميو ان حڪومتي بي حسي جو حصو آهي، جيڪو هر ضلعي اسپتال، هر غريب مريض ۽ هر بي وس ماڻهوءَ تي لاڳو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي صحت کاتي جي خاموشي رڳو انتظامي ناڪامي ناهي، بلڪه انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. ان عمل سان نه صرف قانون جي بي توقيري ٿي رهي آهي، پر حڪومتي نظام تي اعتماد به  ختم  ٿي رهيو آهي. هتي رڳو بجيٽ جا انگ اکر نه، پر انساني زندگين جو سوال آهي. خيرپور جي غريب مريضن لاءِ اسپتال وڃڻ مطلب اميدن جو دفن ٿيڻ بڻجي ويو آهي. سنڌ حڪومت خاص طور صحت کاتو، خيرپور جي اسپتال لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي. اسپتال جي بجيٽ، خرچن، اسٽاف، مشينن ۽ دوائن بابت جاچ ڪئي وڃي. هڪ اعليٰ سطحي ڪميشن ٺاهي وڃي، جيڪا هن زبون حالت جي اصل سببن تائين پهچي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

ان سان گڏوگڏ، شهر جي نمائندن، چونڊيل نمائندن، خاص طور تي خيرپور سان لاڳاپيل وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي به پنهنجي ضمير سان پڇڻ کپي ته ڇا هي حالت ان عوام جي آهي، جنهن توهان کي ووٽ ڏنو هو؟ ڇا اسپتالن جي حالت اهڙي هجڻ کپي، جيڪا اميد جي جاءِ هجڻ بجاءِ، دردن ۽ بي وسيءَ جو مرڪز بڻجي وئي هجي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.