30 ڪروڙ ڊالر کنڊ گهرائڻ تي سوال، مافيا خلاف ڪارروائي ڪڏهن ٿيندي:فواد حسن فواد

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد حڪومت طرفان 30 ڪروڙ ڊالر جي کنڊ برآمد ڪرڻ ۽ پوءِ وري درآمد ڪرڻ واري عمل تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. فواد حسن فواد سوشل ميڊيا پليٽفارم "ايڪس” تي لکيو ته 30 ڪروڙ ڊالر جي کنڊ جي درآمد عوامي مفاد ۾ نه آهي، ان جو فوري طور تي جائزو وٺڻ گهرجي. عام ماڻهو چيني جو وڏو صارف نه آهي، اصل فائدو خوراڪ ۽ مشروبات جي صنعت کي ملي ٿو. اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري چيو ته پهريان کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏني وئي، هاڻ صنعتڪارن کي فائدو ڏيڻ لاءِ درآمد؟ هر فرد ساليانو رڳو 28 ڪلوگرام چيني استعمال ڪري ٿو، اصل مسئلو مافيا جو ڪردار آهي. اها انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهي، پوءِ به قيمتي زرمبادله ڇو ضايع ڪيو پيو وڃي؟ هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو اگهن تي ڪنٽرول نه هجڻ درآمد جو جواز نه ٿي سگهي ٿو. عام ماڻهو نه ته مشروبات خريد ڪري سگهي ٿو، نه مٺايون، پوءِ انهن جي نالي تي درآمد ڇو؟ برآمد جي اجازت ڏيڻ تي ڇا ڪو جوابده ٿيندو؟ فواد حسن فواد سوال ڪيو ته، چيني مافيا، بروڪرن ۽ ذخيره اندوزن جي جاچ ڪڏهن ٿيندي؟ ڇا ايف بي آر (FBR) گذريل 5 سالن دوران چيني صنعت جي منافعي تي ٽيڪس ورتو آهي؟ جيڪڏهن ايف بي آر رڳو شوگر سيڪٽر جي منافعي تي 35 سيڪڙو ٽيڪس لڳائي ته خسارو گهٽ ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.