اسلام آباد(نجم سيٺي) پ پ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿئي ٿي ته بلاول کي پرڏيهي وزارت ئي ملندي،پر مخصوص سيٽن کانپوءِ پ پ وارا ن ليگ کان ڪاوڙيل آهن،جڏهن ته ايوان صدر تي ٻن معاملن تي دٻاءُ آهي،هڪ ته اسٽيبلشمينٽ جو موقف آهي ته صدر آصف زرداري اجلاس ۾ ڪئنالن تي اتفاق ڪيو هو پر بعد ۾ سنڌ ۾ قوم پرست اٿي پيا،طاقتورن جو خيال آهي ته پ پ قيادت جي چرچ تي احتجاج ڪرائي ڪئنال رٿا کي ملتوي ڪرايو ويو،ان ڪري اهي صدر زرداري سان ٿورا ناراض آهن ٻيو اين ايف سي ايوارڊ جو اشو آهي،پ پ جو اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم جي حوالي سان سخت موقف آهي،ڇو ته پ پ هن وقت رڳو سنڌ ۾ ئي موجود آهي،اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جو موقف آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي جي گهرج آهي،ڇو ته وفاق کي دفاع ۽ وياج جي ادائيگين لاءِ ايترا پئسا نه پيا ملي سگهن،صوبن جو حصو گهٽائي وفاق جو شيئر وڌائڻو پوندو،جڏهن ته اين ايف سي ايوارڊ تي آصف زرداري ۽ پ پ ضد ڪري بيٺل آهن،ان ڪري ناراضگي وڌي رهي آهي،ان ڪري پ پ کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ زور ڀريو پيو وڃي ڇو ته ڪابينا ۾ شموليت کانپوءِ اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديليون آساني سان ٿي سگهنديون ۽ پ پ وٽ به جواز نه بچندو.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر 14 جولاءِ2025ع تي شايع ٿيو