لاهور(گوهربٽ+مزمل سهروردي)پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ نفرت ۽ محبت جو سلسلو هو ،آهي ۽ آئنده به رهندو،ٻئي هڪ ٻئي مان ڪڏهن به خوش نه رهيا آهن،انهن وچ ۾ اعتماد جو رشتو اهڙو ناهي جهڙو مسلم ليگ ن يا پي ٽي آءِ سان رهيو،سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي مخالفت نه هئڻ وارو تاثر بلڪل غلط آهي،پ پ وفاقي حڪومت جي حمايت کان پوئتي هٽي ته هي حڪومت برقرار نه رهي سگهندي،پنجاب ۾ ويٺل پ پ ايم پي ايز جي شديد ترين خواهش آهي ته صوبائي حڪومت ۾ شامل ٿي وزارتون حاصل ڪجن،صوبي ۾ پارٽي جا هارايل اڳواڻ وري اهو چاهين ٿا ته اسان کي ن ليگ جي مخالفت ڪري هي حڪومت ڇڏڻ گهرجي،بلاول اڳتي هلي هن حڪومت جي مخالفت ڪندو،هن وقت ته ڀرپور حمايت ڪري رهيو آهي،پ پ جا نه رڳو سنڌ پر پنجاب،ڪي پي ۽ آزاد ڪشمير جا اڳواڻ به ڪئنالن جا مخالف آهن،آصف زرداري پارٽي جون واڳون سنڀالڻ کانپوءِ رڳو سنڌ تي ئي ڌيان ڏنو آهي،پنجاب کي هن سرگرمين جو مرڪز ناهي بڻايو،پ پ ۽ نوازشريف وچ ۾ هڪ اڻ لکيل معاهدو آهي ته توهان کي سنڌ ڏانهن ناهي اچڻو اسان کي پنجاب ۾ ناهي اچڻو، پنجاب ۾ پ پ پنهنجي نااهلي جي ڪري بي دخل ٿي آهي.