خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال خيرپور ۾ ميڊيڪل وارڊ 2 جي ڇت ڪرڻ ۽ اتي داخل مريض زخمي ٿيڻ واري واقعي جي خبر عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ کان پوءِ سول اسپتال جي انتظاميا عوامي آواز ميڊيا گروپ خيرپور جي رپورٽر مٿان سخت ڏمرجي پئي، ھوڏانھن سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ موجوده ايم پي اي سيد قائم علي شاھ جيلاني پاران جيلاني ھائوس جي سرگرم ڪارڪنن کي حڪم ڪيو آھي ته واقعي ۾ زخمي ٿيل مريضن کان تفصيل وٺو ۽ رپورٽ وٺي مون ڏانھن اماڻيو پر ايم ايس عوامي آواز ميڊيا گروپ مٿان ڏمريل رھيو ۽ ڪوبه موقف نه ڏنو، ٻي پاسي سول اسپتال جي انتظاميه متاثر ميڊيڪل وارڊ 2 جا مريض ٻين وارڊن ۾ شفٽ ڪري ۽ وارڊ کي تالا لڳائي پنھنجي نااھلي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھي آھي، اھڙي واقعي جي سنڌ سيڪريٽري توڙي صوبائي وزير، ڊپٽي ڪمشنر توڙي اسسٽنٽ ڪمشنر نوٽيس ناھي ورتو ۽ نه ئي اهي ڇت ڪرڻ سبب زخمي ٿيل مريضن وٽ پھتا، جنهن تي خيرپور جي سماجي ڌرين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عوامي آواز کي ٻڌايو سول اسپتال خيرپور ۾ دوائن جي مد ۾ ايندڙ ڪروڙين روپيا صرف ڪاغذن تائين محدود آھي ٽن مھينن کان وٺي ايڪسري جون فلمون ناهن، غريبن لاءِ ايل پي پڻ مڪمل طور تي بند ڪئي وئي آهي، ايمرجنسي وارڊ ۾ سواءِ پايوڊين ۽ بينڊيج جي ٻيو ڪجھه به موجود ناھي ۽ مريضن کي ٻاھران پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تان دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ضيا مسرور شاھ ڪڏھن به ان بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي ضرورت ناھي سمجھي ۽ صرف پئسا ھڙپ ڪرڻ ۽ ڪميشن وٺڻ جو وڏو ماھر آھي ۽ ھر ماڻھو کي اھو جواب ٿو ڏئي ته مونکي سيڪريٽري ھيلٿ سنڌ رکيو آھي توھان جي ھائوسن نه رکيو آھي، هتان جي رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۽ ڪرپشن معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.