حيدرآباد / ٽنڊوعالم مري (رپورٽر/ ن ع آ) حيدرآباد جي هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ همراهه گهريلو تڪرار تان زال کي ڪوڏرن جا واري ڪري قتل ڪري ڇڏيو، زال جي مائٽن وري قاتل مڙس کي ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا هڻي قتل ڪيو، پوليس 8 ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گذريل رات دير سان هوسڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خدا ڏنو پنهور ۾ علي نواز پنهور ۽ سندس زال حفيظان وچ ۾ گهريلو تڪرار تان جهيڙو ٿيو، جنهن تان علي نواز پنهنجي زال 45 ورهين جي حفيظان کي ڪوڏرن جا ڌڪ هڻي زخمي ڪيو، مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب هوءِ موقعي تي فوت ٿي وئي، علي نواز زال کي قتل ڪرڻ بعد جيئن ئي گهر کان ٻاهر نڪتو ته عورت جي ويجهن مائٽن ڪهاڙين جا وار ڪري ڏنڊا هڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ايڌي رضاڪارن جي مدد سان لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا، ٻئي طرف هوسڙي پوليس واقعي ۾ ملوث هجڻ جي شڪ ۾ 8 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي هئي، پوليس صرف ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي واقعي جو ڪيس سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪري داخل ڪيو ويندو.