اسلام آباد/ لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ وري روڊن تي اچي وئي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جي پارليامينٽ ميمبرن جو اسلام آباد کان نڪتل قافلو لاهور پهتو، جتي اڳ ئي پوليس جي وڏي نفري شاهدره پهتي، پوليس شاهدره مان پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسر گيلاني سميت 4 ڪارڪنن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس عملدارن موجب پي ٽي آءِ قافلي ۽ ڪارڪنن کي گڏ ٿيڻ جي اجازت ناهي، قافلو لاهور ۾ مختلف ملاقاتون ڪندو، جن ۾ ايندڙ سياسي حڪمت عملي ۽ سينيٽ چونڊن سان لاڳاپيل معاملا بحث هيٺ ايندا، لاهور پهچڻ کان پوءِ ايندڙ احتجاج بابت پي ٽي آءِ پنجاب ۽ ڪي پي جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس رائيونڊ جي نجي فارم هائوس ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر ۽ علي امين گنڊاپور ڪئي، اجلاس ۾ 5 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ تحريڪ بابت حڪمت عملي طئي ڪئي وئي، ذريعن موجب فيصلن بابت اڄ پريس بريفنگ ذريعي آگاهي ڏني ويندي، لاهور روانگي کان اڳ گنڊاپور چيو ته قافلو پنجاب اسيمبلي مان ڪڍيل ميمبرن سان اظهارِ يڪجهتي لاءِ آهي، جيڪي سمجهن ٿا ته اسين ڪو احتجاج ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون، اهي ڄاڻن ته هي رڳو اظهارِ يڪجهتي آهي، رڳو امن، محبت، ڀائيچاري ۽ رواداري جو پيغام کڻي وڃي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته احتجاجي تحريڪ بابت اعلان عمران خان پاڻ ڪندو، پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر ملڪ احمد خان ڀچر جو چوڻ آهي ته اڄ اسان جي تحريڪ جو آغاز ٿي چڪو آهي.