سنڌ ۾ شهري ٻوڏن جو خطرو، وڏي وزير جي هدايتن تي عمل ٿيندو؟

ڪراچي (محسن ٻٻر) وڏي وزير جي صدارت  هيٺ ٿيل اجلاس ۾ موسميات کاتي ۽ پي ڊي ايم اي بريفنگ ڏني ته سنڌ ۾ معمول کان 10 کان 20 سيڪڙو وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته درياهن ۾ وڏي ٻوڏ جو خطرو نه آهي، پر هيٺئين درجي جي ٻوڏ ۽ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير لوڪل گورنمينٽ کي سختيءَ سان هدايتون جاري ڪيون ته نالا، واهه ۽ بند فوري صاف ڪيا وڃن. جيتوڻيڪ وڏين ٻوڏن جو خطرو هوندو آهي پر ان باوجود بريفنگ ۾ سڀ ٺيڪ آهي ٻڌايو ويندو آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ ڪراچي ۾ کوڙ هائوسنگ سوسائٽيون ٺهي ويون آهن، جنهن سان قدرتي وهڪرن جا رستا بند ٿي ويا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو پاڻي پوءِ آبادين کي ٻوڙي ٿو، شهر ۾ ڪچيون آباديون وڌي ويون آهن ۽ ڪراچي شهر هاڻي پلانڊ سٽي ناهي رهيو جيڪو اڳ پلانڊ سٽي هوندو هو. اهو ئي سبب آهي جو 2022ع جهڙي صورتحال پيدا ٿئي ٿي. هوڏانهن برساتن کي مئنيج ڪرڻ لاءِ سامان جي خريداري سميت ٻين معاملن ۾ ڪرپشن جو پڻ موقعو ملي ويندو آهي پر گذريل سال برساتن دوران ڪافي حد تائين انتظاميا تحرڪ ۾ نظر آئي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ميدان تي نظر ايندو هو. وڏي وزير جي هدايتن تي عمل ٿيو ته انتظام ٿي سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.