ڪراچي(بيورو+م ڊ) ڪراچي جي هول سيل مارڪيٽن ۾ في ڪلو کنڊ 178 رپيا تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته رِيٽيل سطح تي اها 190 رپيا ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي،لاهور ۾ هول سيل ۾ کنڊ جي قيمت 179 رپيا ٿي چڪي آهي، جڏهن ته پرچون جي دڪانن تي اها 185 کان 190 رپيا ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي، ڪوئيٽا ۾ به کنڊ جي قيمت ۾ مسلسل اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، هلندڙ هفتي کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 5 رپيا واڌ بعد اها 190 رپيا ڪلو تي پهچي وئي آهي، پشاور ۾ گذريل ٻن هفتن دوران کنڊ جي قيمت ۾ 10 کان 20 رپيا في ڪلو واڌ ٿي آهي، دڪاندار موجب شهر ۾ کنڊ 190 کان 200 رپيا في ڪلو تائين وڪامي رهي آهي، راولپنڊي ۾ مارڪيٽ ذريعن موجب، هتي هول سيل ۾ کنڊ 182 کان 185 رپيا في ڪلو وڪامي رهي آهي، هوڏانهن هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 26 لک ٽن کنڊ جو ذخيرو موجود آهي ۽ جيڪڏهن حڪومت ذخيرو ڪندڙ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ته هول سيل سطح تي کنڊ جي قيمت في ڪلو 150 رپيا تائين اچي سگھي ٿي، هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالروف ابراهيم ٻڌايو ته اسٽيڪ هولڊرن پاران کنڊ جي درآمد جي مخالفت ۽ ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائيءَ جي مطالبن جو ڪجهه حد تائين اثر ٿيو آهي، جنهن سبب گذريل ٻن ڏينهن کان قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو رڪجي ويو آهي.