ڪراچي ( انویسٽیگیشن رپورٽر ) عوامي آواز ۾ خبر شائع ٿیڻ کانپوءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي گرفتار 9 آفیسرن کي ایئرڪنڊیشن ڪمرن مان ڪڍي لاڪ اپ ڪري ڇڏیو آھي عوامي آواز کي ذريعن ٻڌايو پولیس عملدار پریشان آھن تہ گرفتار آفیسرن کي ملیل سھولتن واري خبر عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار پولیس عملدارن مٿان ناراض ٿي پئي آھي جنھن ڪري انھن گرفتار 9 عملدارن کي لاڪ اپ ڪیو ویو آھي کین گھر مان ایندڙ پرھیزي کاڌو ۽ دوائون ڏیڻ جي اجازټ ڏني وئي آھي ھڪ آفیسر کي گھر جي ھڪ ڀاتي کي ملڻ جي اجازت ڏني وئي آھي جاچ پولیس سندن ڪیس فائل اھڙي ریت تیار ڪیو آھي جو سومر ڏینھن ( سڀاڻي ) انھن 9 گرفتار آفیسرن کي جیل حوالي ڪیو ویندو جنھن کان پوءِ سندن ضمانت جي درخواست داخل ڪئي ویندي جیل ۾ سھولتون ڏیارڻ لاءِ وڪیلن اڳواٽ تیاریون ڪري ڇڏیون آھن ڊاڪٽرن جون خدمتون حاصل ڪیون ویون آھن تہ جیئن انھن کي جیل واري اسپتال یا ٻاھر ڪنھن اسپتال ۾ داخل ڪرائي سگھجي جاچ آفیسر جي سھڪار سان گرفتار آفیسرن جون ضمانت جون درخواستون ڏیڻ جي بہ تیاري ڪئي وئي آھي ۔