اسان نظرياتي جدوجھد جي حمايت ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته اها پارٽي ۽ انقلابي تنظيمن جي هيڪڙائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ هٿيار آهي، جيڪو اسان جي ويڙھ جي مفاد ۾ آهي. هر انقلابيءَ کي هي هٿيار هٿ ۾ کڻڻ گهرجي.موقعي پرستي عملي طرح نظرياتي جدوجهد جي مخالفت ڪري ٿي ۽ ھڪ اھڙي بي اصول صلح پسندي جي حمايت ڪري ٿي، جنھن جي نتيجي ۾ هڪ بي پرواهه، غيرذميوار ۽ غيرسياسي رويو پيدا ٿئي ٿو، جيڪو پارٽي جي اندر خرابين، سياسي شعور جي اڻاٺ ۽ تنظيمي ڪمزورين کي جنم ڏئي ٿو.
موقعي پرستي جو اظهار مختلف صورتن ۾ ٿيندو آهي، ھيٺ انھن کي ڄاڻائجي ٿو:
(1) جڏھن ڪو غلط ھجي ته ان کي ياريءَ جي ڪري نظراندز ڪرڻ ۽ اصولي مخالفت کان پاسو ڪرڻ، رڳو انڪري ته هو پراڻو واقفڪار آهي، ڳوٺاڻو آهي، گڏ پڙهيو آهي، ويجهو دوست آهي، محبوب آهي، پراڻو ساٿي يا ماتحت رهيو آهي يا وري مسئلي جي گھرائي ۾ وڃڻ بجاءِ ھلڪو ھٿ ڦيرائڻ جيئن واسطو برقرار رھي. ان جو نتيجو هي نڪري ٿو ته تنظيم ۽ فرد پڻ نقصان ڀوڳي ٿو. هي موقعي پرستي جو هڪڙو قسم آهي.
(2) تنظيم اڳيان پنھنجون صلاحون رکڻ بجاءِ ذاتي طور غيرذميدار طريقي سان تنقيد ڪرڻ. ماڻھن کي سندن منھن تي ڪجهه نه چوڻ پر سندن پرپٺ گلا ڪرڻ يا وري تنظيمي گڏجاڻين ۾ ڪجھه نه ڪڇڻ پر ان کان پوءِ يخي ھڻڻ. اهو رويو ان ڳالهه جي علامت آهي ته اھي ماڻهو اجتماعي اصولن کي ڪا اهميت نٿا ڏين، ۽ صرف پنهنجي مرضي تي هلن ٿا .هي موقعي پرستي جو ٻيو قسم آهي.
(3) ايستائين خاموش رھڻ جيسين ڳالهه پاڻ تي نه اچي، ڪوشش ڪري گھٽ ڪڇڻ جڏھن ته ڀلي ڀت ڄاڻ ھجي ته غلط ڇا آھي. دنيادار ھجڻ ۽ محفوظ کيڏڻ ۽ الزام کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ. اهو موقعي پرستي جو ٽيون قسم آهي.
(4) تنظيمي حڪمن کي نه مڃڻ پر پنهنجي راءِ کي مٿانهون ڪرڻ. تنظيم کان خاص رعايت جي گھر ڪرڻ پر نظم ضبط کان انڪار ڪرڻ. اھو موقعي پرستي چوٿون قسم آھي.
(5) ذاتي تنقيد تي ڪاھي پوڻ، جھيڙا ڪرڻ، ذاتي ڪينو ڪڍڻ يا بدلو وٺڻ، پر اتحاد، ترقي يا ڪم کي صحيح طريقي سان ڪرڻ لاءِ غلط خيالن تي بحث ۽ جدوجهد نه ڪرڻ. اھو موقعي پرستي جو پنجون قسم آھي.
(6) غلط خيالن کي ٻڌڻ باوجود ان جي مخالفت نه ڪرڻ، ۽ جيتوڻيڪ ڪو شخص رد انقلابي ڳالهيون ڪري، ان کي به ائين ئي برداشت ڪرڻ ته ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي. اهو موقعي پرستي جو ڇهون قسم آهي.
(7) عوام جي وچ ۾ هجڻ باوجود، نه پرچار ڪرڻ، نه تحريڪ هلائڻ، نه گڏجاڻين ۾ ڳالهائڻ، نه سندن وچ ۾ ڪا جاچ يا تحقيق ڪرڻ، ۽ ان جي بدران انهن کان لاتعلقي اختيار ڪرڻ، پارٽيءَ جي بھتري بابت فڪر نه ڪرڻ، اهو وساري ويهڻ ته ڪو پاڻ ذميدار پارٽي ورڪرآهي، ۽ ائين رويو اختيار ڪرڻ ڄڻ مٿس ڪا به پارٽي ذميداري نه هجي. اهو موقعي پرستي جو ستون قسم آهي.
(8) ڪنهن ماڻهو کي عوام جي مفادن کي نقصان پهچائيندي ڏسڻ، ۽ پوءِ به نه ان تي ڪاوڙ ڪرڻ، نه ئي کيس روڪڻ، نه ئي سمجهائڻ يا بحث ڪرڻ ۽ ان جي بدران کيس انهيءَ غلط عمل کي جاري رکڻ جي اجازت ڏيڻ. اهو موقعي پرستي جو اٺون قسم آھي.
(9) بي دلي سان ڪم ڪرڻ، بنا ڪنهن واضح رٿابندي يا رخ جي، بس رسمون پوريون ڪرڻ ۽ ڪم کي ڪيئن به هلائڻ اهو ائين آھي ڄڻ ڪو چوي: "جيستائين مان ڀڪشو آهيان، گھنڊ وڄائيندو رهندس.” اهو موقعي پرستي جو نائون قسم آهي.
(10) پنهنجو پاڻ کي انقلاب لاءِ، پارٽي لاءِ وڏو ڪم ڪندڙ سمجهڻ، پنهنجي تجربيڪاريءَ تي فخر ڪرڻ، ننڍن ڪمن کي گهٽ سمجهڻ، جڏهن ته وڏين ذميوارين لاءِ پاڻ ۾ صلاحيت نه ھوندي به اھل سمجھڻ، ڪم ۾ لاپرواهي ڪرڻ ۽ مطالعي ۽ سکڻ کان سستي ڪرڻ. اهو موقعي پرستي جو ڏهون قسم آهي.
(11)پنھنجي غلطين ۽ ڪمزورين جي ڄاڻ ھجڻ باوجود انھن جي سڌاري لاءِ قدم نه کڻڻ ۽ ذاتي مفاد پرستي واري روش اختيار ڪرڻ. اھو موقعي پرستي جو يارنھون قسم آھي.
اسين ٻين جو به ذڪر ڪري سگھون ٿا پر اھي يارنھن مکيه قسم آھن. اهي سڀ رويا موقعي پرستي جون مختلف صورتون آهن. موقعي پرستي ڪنهن به انقلابي اجتماعي تنظيم لاءِ نهايت نقصانڪار آهي. اها اهڙو زهريلو مادو آهي، جيڪو اتحاد کي ڳاري ڇڏيندو آهي، ھم آھنگي کي نقصان رسائيندڙ آھي، بي حسي ۽ اختلاف کي جنم ڏيندڙ آھي. اها انقلابي صفن مان منظم تنظيم ۽ سخت نظم و ضبط کي پائمال ڪري ٿي، پاليسين جي مڪمل عملداريءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي، ۽ پارٽي تنظيمن کي انهن عوامي قوتن کان ڌار ڪري ٿي، جن جي اڳواڻي ڪرڻ سندن ذميواري آهي. موقعي پرستي هڪ نهايت خراب ۽ خطرناڪ رجحان آهي.
موقعي پرستي ذاتي ۽ گروھي سوچ ۽ مفادن کي اوليت ڏيڻ جي نتيجي ۾ اسري ۽ وڌي ويجھي ٿي. اھا ذاتي مفادن کي اولين ۽ انقلابي مفادن، پارٽي مفادن کي ثانوي حيثيت ڏيندي آهي، ۽ ان مان ئي نظرياتي، سياسي، ۽ تنظيمي موقعي پرستي جنم وٺندي آھي. با اصول سياست ڪندڙ ورڪر وٽ وسيع دل، ثابت قدم ۽ سرگرم جذبو هجڻ گهرجي. هن لاءِ پارٽي ۽ انقلاب جا مفاد سندس ساھ جيان پيارا هجڻ گهرجن، ۽ کيس پنهنجا ذاتي مفاد انقلابي مفادن جي تابع رکڻ گهرجن. هو ھميشہ ۽ هر هنڌ اصولن تي بيهي، غلط خيالن ۽ عملن جي خلاف بي مثال جدوجهد ڪري، ته جيئن پارٽي جي اجتماعي زندگي کي مضبوط ڪري سگھي ۽ پارٽي ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪري سگھي. هو ڪنهن به ذاتي تعلق کان وڌيڪ پارٽي ۽ عوام جي پرواهه ڪري، ۽ پاڻ کان وڌيڪ پنھنجي پارٽي، پنھنجي ديس، پنھنجي ديس جي مظلوم ماڻھن ۽ مجموعي طور سموري انسانذات جي ڀلائيءَ لاءِ فڪرمند ھجي. تڏهن ئي کيس سچو انقلابي ۽ مثالي پارٽي ورڪر چئي سگهجي ٿو. مڙني وفادار، ايماندار، سرگرم ۽ صاف گو انقلابين کي گڏجي، اسان جي وچ ۾ موجود ماڻهن جي موقعي پرستا نه روين جي اصلاح ڪرڻي پوندي، ۽ انهن کي صحيح رستي تي آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. اهو اسان جي نظرياتي ميدان جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي.
(چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بانيڪار ۽ 1948ع ۾ چين کي قومي ۽ طبقاتي غلاميءَ مان نجات ڏياريندڙ انقلابي اڳواڻ مائوزي تنگ جو اصل مضمون ته منهنجي نظر مان نه گذريو آهي پر رات سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ڪراچي ڊويزن جي پيج تي لبرلزم خلاف جدوجھد جي عنوان سان شھريار ڪيريو جو ترجمو ڪيل ھي مضمون نظر مان گذريو. ترجمي ۾ لبرلزم ۽ مارڪسزم جا اصطلاح استعمال ٿيل آھن جن کي موقعي پرستي ۽ اصول پرستي جي اصطلاحن ۾ تبديل ڪري، بااصول سياست ڪندڙ قومي ڪارڪنن جي اصلاح ۽ تربيت لاءِ پيش ڪيان ٿو. ڪنھن مضمون جي ترجمي کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ بدران ان کي موجوده حالتن جي گھرجن پٽاندڙ ٺاھي سنواري پيش ڪرڻ جو ھي منھنجو پھريون تجربو آھي. اصلاح خاطر صحتمند تنقيد جي آجيان ٿيندي.)