ڪراچي (رپورٽر) شلوار قميص تي پابندي خلاف شهري ڪنزيومر عدالت سان رابطو ڪري ڇڏيو آهي ڊفنيس فير8 ۾ واقعي هڪ ريسٽورينٽ ۾ شلوار قميص پائي اچڻ تي پابندي خلاف شهري ڪنزيومر ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، درخواستگذار لطيف بلوچ ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته هو پنهنجي دوستن سان گڏ ملڻ ريسٽورينٽ ويو، جتي انتظاميا صرف ان بنياد تي انهن کي ريسٽورينٽ اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ته هو شلوار قميص ۾ هئا،جيڪو انتظاميا جي پاليسي خلاف آهي، درخواست ۾ عدالت کان اپيل ڪئي وئي ته ريسٽورينٽ انتظاميا کي معافي وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ان تي ڏهه لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي، ڪنزيومر ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 14 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.
-
وڏي وزير پاران جشن آزادي ۽ حق جي فتح جو ڏھاڙو گڏيل طور ملھائڻ جو اعلان
ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل هڪ اهم اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته ھن سال پاڪستان جو آزادي ڏھاڙي 14 آگسٽ ۽ حق جي فتح جو ڏينھن 15 آگسٽ تي گڏيل طور وڏي شان ۽ شوڪت سان ملهايو ويندو، اجلاس ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد ۽ لاڙڪاڻي جي ميئرن ۽ ڪمشنرن ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي ڀارت تي تاريخي فتح تي فخر آهي ۽ ان جي خوشيءَ ۾ ھن سال آزاديءَ جي ڏھاڙي سان گڏ حق جي فتح جون تقريبون به وڏي پيماني تي رٿيون وينديون.