ڪراچي/ خيرپور(رپورٽر/ مختيار ڦلپوٽو) خيرپور سول اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ نمبر 2 جي ڇت رات جي اونداهي ۾ ڌماڪي سان ڪِري پئي، جنهن سبب 14 مريض سخت زخمي ٿي پيا، جن مان ٽن ڄڻن جي حالت انتھائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي ٿي وڃي، گذريل رات دير سان سول اسپتال جي سيڪنڊ فلور جي ميڊيڪل وارڊ جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن سبب ڪيترائي مريض توڙي سندن وارث دانهون ڪندي وارڊن مان ٻاهر نڪري ويا، ھر طرف رڙيون ڪيھاٽ پئجي ويا ۽ مريض بيڊ ڇڏي جانيون بچائي نڪتا، اسپتال ۾ خوف توڙي حراس پکڙجي ويو، ان موقعي تي مريضن جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته اسان سمجهيو ته زلزلو اچي ويو آهي جلدي ٻاھر نڪرو، پوءِ خبر پئي ته اسپتال جي ڇت زبون حالت سبب ڪِري آهي، هنن چيو ته وارڊ جي ڇت ڪمزور هجڻ باوجود ڄاڻايل وارڊ ۾ مريض ڇو داخل ڪيا ويا جڏھن ته سول اسپتال خيرپور جي ڪروڙين روپيا بجيٽ آھي پر پوءِ به اسپتال انتظاميه پئسا ھڙپ ڪرڻ لاءِ مختلف ڪوڙا بل ٺاھي پئسا ٿي ھڙپ ڪري پر اسپتال جي بلڊنگ ۽ مريضن ڏانھن ڪوبه ڌيان نه ٿي ڏي، ھتي داخل مريض غريب ۽ بي سھارا آھن جن کي 24 ڪلاڪن ۾ صرف ھڪ ڀيرو انجيڪشن لڳائي ويندي آهي ايتري قدر جو اسپتال اندر پيراسٽامول جي گوري به ناھي ۽ سيڪريٽري صحت جي آشيرواد سان سول اسپتال خيرپور جو ايم ايس مقرر ٿيل آهي، خيرپور جا 7 ايم پي اي 3 ايم اين اي ان ايم ايس اڳيان بيوس بڻيل آهن، ايم ايس سندن فون به کڻڻ گوارا ناھي ڪندو، ھنن چيو ته جيڪڏهن سول اسپتال خيرپور جي ساڳي صورتحال رھي ته مريض صحتياب ٿيڻ بدران زخمي ٿيندا، اسپتال مان روزانو 5 کان 7 لاش نڪرن ٿا، مختلف ڇيپا، ايڌي، 1122 سروس، جماڻي ايمبولينس سروس ۽ ٻين مخير حضرات جو ايمبولينس سروس گاڏيون قطارون ۾ بيٺل ھونديون آھن، جيڪي روز جي بنياد تي فوت ٿيل ماڻھن جي وارثن تائين پھچائين ٿيون، ايم ايس مسرور شاھ ٽن مھينن کانپوءِ سول اسپتال جي وارڊن جو دورو ڪندو آھي.
-
جوڳي مرمت نه ٿيڻ سبب عمارت ڏينهون ڏينهن زبون
خيرپور: رهواسين جو چوڻ آهي ته سول اسپتال جو ايم ايس مسرور شاھ ٽن مھينن کانپوءِ صرف هڪ ڀيرو سول اسپتال جي وارڊن جو دورو ڪندو آھي، نه ته ھو سدائين آفيس جي سونھن بڻيل ھوندو آھي، اسپتال جي جوڳي سار نه لهڻ جي ڪري عمارت ڏينهون ڏينهن زبون ٿيندي پئي پئي، پر ڪير به ان طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي.
-
ڊي ايڇ او ۽ ايم ايس، سيڪريٽري جا دادلا بڻيل
ڪراچي: صحت کاتي جي ذريعن موجب صحت کاتي جي ترقياتي ڪمن لاءِ 9 ارب جي بجيٽ رکيل آهي، جيڪا رڳو ڪاغذن ۾ خرچ ٿئي ٿي، ڊي ايڇ او خيرپور نديم اشرف جوکيو کي سکر ڊويزن جي ڊائريڪٽر جو به عهدو مليل آهي، ايم ايس خيرپور ڊاڪٽر مسرور شاهه ۽ ڊي ايڇ او نديم اشرف جوکيو صحت واري سيڪريٽري جا خاص ماڻهو آهن، جنهن ڪري انهن کان ڪنهن به قسم جو پڇاڻو نه ٿو ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ ايم ايس سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون ئي اٽينڊ نه ڪيو.
-
هڪ مريض جي وارث پاران ايم ايس، پرنسپال ۽ ٺيڪيدار خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان
خيرپور: هڪ زخمي مريض جي ڀائٽي ايڊووڪيٽ عابد حسين ميتلو جو چوڻ آهي ته هو سول اسپتال جي ايم ايس، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ۽ ٺيڪيدار خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندو.
-
انتظاميه نااھلي لڪائڻ لاءِ متاثر وارڊ کي تالا لڳائي ڇڏيا
خيرپور: سول اسپتال خيرپور جي انتظاميه پنھنجي ۽ ٺيڪيدار جي نااھلي لڪائڻ لاءِ واقعي بعد متاثر وارڊ کي تالا لڳائي ڇڏيا، اتي داخل مريضن کي ٻين وارڊن ۾ شفٽ ڪيو ويو.