ملير ۾ ناري کي زيادتي بعد ڦاهو ڏئي قتل ڪرڻ جي تصديق، 4 جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) کوکراپار ۾ 16 ورهين جي نينگري بيدردي سان قتل، کيس جنسي زيادتي بعد گلي ۾ رسو وجھي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، تفصيل موجب، ڪراچي جي علائقي کوکراپار ٽي نمبر جي ويجهو  16 ورهين جي ڇوڪري کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، جوابدار سندس لاش گهر ويجهو اڇلائي ويا، جڏهن ته واقعي واري هنڌ کان ڪجهه مفاصلي تي تعمير ٿيندڙ گهر مان مقتولا جي چپل پڻ ملي، ڪرائيم سين يونٽ جي مدد سان وڌيڪ ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه سيد انڪشاف ڪيو ته مقتولا سان جنسي زيادتي ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ کيس قتل ڪيو ويو، ڇوڪري جي جسم تي تشدد جا ڪيترائي نشان پڻ موجود هئا، ڊي اين اي ۽ ٻين ٽيسٽن لاءِ نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، موت جي اصل سبب جو پتو رپورٽس اچڻ کانپوءِ لڳي سگهندو.

ڌيءَ کي پاڙي مان ڪنهن قتل ڪيو آهي: والد

ڪراچي: ملير پوليس شڪ جي بنياد تي علائقي مان چار جوابدارن کي حراست ۾ وٺي جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ٻئي  طرف کوکراپار ٿاڻي تي مقتولا جي والد محمد احمد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آھي ته هو پنهنجي ننڍي ڌيءَ سان گڏ گهر کي تالو هڻي شادي هال ڏسڻ ويو، جڏهن ته وڏي ڌيءَ اريبا سندس وڏي ڀاءُ مصطفيٰ جي گهر وئي هئي، واپس گهر پهتس ته پاڙي وارن ٻڌايو ته ڌيءَ جو لاش گهٽيءَ ۾ پيل آهي، واقعي واري هنڌ پهتس ته ڏٺم ته ڌيءَ جو تشدد ٿيل لاش پيل هو، ان کان پوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، والد شڪ ظاهر ڪيو ته کيس شڪ آهي .

گرفتار جوابدارن ۾ انس ۽ اسد شامل، جاچ ڪري رهيا آهيون: پوليس

ڪراچي: کوکراپار ٿاڻي جي ايس ايڇ او الهبچايو رند عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايف آءِ آر ٿي چڪي آهي، 4 شڪي  جوابدار گرفتار ڪيا آهن، جن۾ محمد انس ۽ اسد شامل آهن، انهن کان پڇاڳاڇا جاري آهي، جلد جاچ ڪري ذميوار جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تي پهچايو ويندو، هڪ جوابدار جي گهر مان ڇوڪري جي چپل ملي آهي، ان بنياد تي جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.