پاڪستان شاهينز جو انگلينڊ جي دوري لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان، مشتاق ڪلهوڙو ۽ سليمان ڀنڀرو به شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انگلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستان شاهينز جي 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جي قيادت مڊل آرڊر بيٽر سعود شڪيل ڪندو.
پاڪستان شاهينز جي ٽيم 17 جولاءِ کان 6 آگسٽ تائين انگلينڊ جو دورو ڪندي، جتي هو ٻه ٽن ڏينهن واريون ميچون ۽ ٽي ون ڊي ميچون کيڏندي.
اسڪواڊ ۾ 25 سال کان گهٽ عمر وارن 11 رانديگرن کي موقعو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته علي زرياب، اذان اويس، فيصل اڪرم ۽ حيدر علي به اسڪواڊ ۾ شامل آهن.
ان کانسواءِ معاذ صداقت، مهراڻ ممتاز ۽ مير حمزا کي پڻ ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.
ٻين رانديگرن ۾ محمد سليمان، مبصر خان، موسيٰ خان، مشتاق احمد، عمير بن يوسف، روحيل نظير، ساجد خان، شاهد عزيز، شامل حسين ۽ عبيد شاهه شامل آهن.
اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪٽر عمران فرحت پاڪستان شاهينز جو هيڊ ڪوچ هوندو.
ياد رهي ته پاڪستان شاهينز انگلينڊ جي دوري کانپوءِ آسٽريليا جو دورو به ڪندي، جتي هو ٽاپ اينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ حصو وٺندي.
ان سيريز ۾ پاڪستان شاهينز سان گڏوگڏ نئپال ۽ بنگلاديش اي جون ٽيمون پڻ حصو وٺنديون.
پاڪستان شاهينز 14 آگسٽ تي بنگلاديش اي جي خلاف پنهنجو پهريون ميچ ۾ ميدان تي لهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.