شگر ملز ۽ سياست جي ڳٺ جوڙ: کنڊ بحرانن پٺيان طاقتور هٿ؟

پاڪستان ۾ کنڊ رڳو روزاني جي خوراڪ جو لازمي جزو ناهي، پر اها ملڪ جي سياسي ۽ معاشي نظام جي هڪ حساس، منافعي بخش ۽ تڪراري شيءِ بڻجي چڪي آهي. عام طور تي استعمال ٿيندڙ هن مادي تي ملڪ اندر پاليسين، واپار، سبسڊي، ۽ ذخيرو ڪرڻ جا بحران اڀرندا رهيا آهن، جيڪي وقت بوقت عوام جي لاءِ شديد مالي پريشاني جو سبب بڻجن ٿا. کنڊ جي اگهن ۾ واڌ، ان جي برآمد ۽ درآمد، ۽ ان سان ڳنڍيل سياسي ۽ واپاري مفادن جي ڳنڍ جو قصو خاص طور تي ان وقت بحث جو موضوع بڻجي ٿو، جڏهن هڪ ئي مالي سال ۾ هڪ ئي شيءِ برآمد به ڪئي وڃي ۽ ساڳئي وقت ان جي درآمد جو به حڪومتي فيصلو اچي وڃي.

سنڌ ۾ شگر ملز ۽ اومني گروپ جو سياسي ۽ واپاري اثر

سنڌ صوبي ۾ شگر انڊسٽري جو ڪردار خاص طور تي نمايان آهي، جتي ملڪن جي ملڪيت ۽ انهن جا سياسي ڳانڍاپا ڄڻ ته قدرتي طور هڪٻئي سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا. ان سلسلي ۾ اومني گروپ جو نالو سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ بااثر سمجھيو وڃي ٿو. هي گروپ هن وقت سنڌ اندر 9 شگر ملن جو مالڪ آهي، جن ۾ انصاري، باواني، چمبڙ، خوسڪي، لاڙ، نئون ديرو، نيو دادو، نيو ٺٽو ۽ ٽنڊو الهيار شگر ملز شامل آهن.

اومني گروپ جي سربراهي انور مجيد وٽ آهي، جيڪو پاڻ ته سڌي ريت سياست ۾ شامل ناهي، پر سندس تعلق صدر آصف علي زرداري سان ويجهو هجڻ سبب هن گروپ کي سدائين خاص اهميت حاصل رهي آهي. ماضيءَ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽن ڪيس سميت مختلف مالي اسڪينڊلن ۾ به هن گروپ جو نالو سامهون اچي چڪو آهي، جنهن سبب عام تاثر اهو آهي ته کنڊ جي واپار ۾ نه رڳو معاشي فائدا، پر سياسي اثر ۽ پاليسين تي به ڪنٽرول شامل آهي.

سنڌ جي اندر اهڙيون شگر ملون، جيڪي بااثر سياسي خاندانن يا انهن سان لاڳاپيل ڪاروباري گروپن جي ملڪيت آهن، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مقامي مارڪيٽ، واپاري پاليسين ۽ اگهن تي اڻ اعلانيل ڪنٽرول رکيون پيون اچن. هن اثر جي ڪري حڪومت جو هر فيصلو، برآمد جي اجازت، سبسڊي جي فراهمي، يا درآمد جو اعلان، عوامي مفاد جي بدران طاقتور واپاري گروپن جي مفاد مطابق بڻجڻ جو تاثر ڏيندو رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.